ٺاروشاهه (ن پ ا) ٺاروشاهه لڳ روڊ حادثي ۾ زخمي ٿيل شاگرد سور نه سهندي فوت ٿي ويو. ٺاروشاهه ڀرسان ڳوٺ ڀورٽي واسي انٽر جو شاگرد طالب پنهور ڳوٺ کان ڪم سانگي موٽرسائيڪل تي نوشھروفيروز وڃي رهيو هو ته رڪشا چنگچي سان زوردار ٽڪر جي نتيجي ۾ زخمي ٿي پيو هو جنهن کي مرڻينگ حالت ۾ نوابشاهه جي اسپتال منتقل ڪيو ويو هو جتي نوجوان زخمن جا تاب نه سهندي فوت ٿي ويو نوجوان جو لاش پوسٽ مارٽرم ڪرائڻ لاءِ ٺاروشاهه جي اسپتال آندو ويو جتي ڊاڪٽر نه هئڻ ڪري فوتي نوجوان جي وارثن احتجاج ڪيو.