ڪيو(م ڊ) يوڪرين جي پارليامينٽ يهودين جي ڪٽر مخالف1 نازي اڳواڻ جي ورسي ملهائڻ  جو فيصلو ڪيو آهي جنهن تي يهودي تنقيد ڪري رهيا آهن. اطلاعن موجب يوڪرين جي پارليامينٽ نازي جي گيليشيا ڊويزن جي اڳواڻ پورفيري سلينڪو ڪريوٽس جي 130 هين ورسي ملهائڻ جو فيصلو ڪيو آهي. پورفيري کي 1944ع ۾ هٽلر جي پارٽي نازي پاران نازي آئرن ڪراس سيڪنڊ ڪلاس جو ايوارڊ ڏنو ويو هو. ان تي سوشل ميڊيا تي يوڪرين مٿان تنقيد ڪئي پئي وڃي.