يوڪرين مان پهريون پاڪستاني شاگرد ڏيهه واپس پهچي ويو

0
143
يوڪرين مان پهريون پاڪستاني شاگرد ڏيهه واپس پهچي ويو
يوڪرين مان پهريون پاڪستاني شاگرد ڏيهه واپس پهچي ويو

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) يوڪرين مان پهريون پاڪستاني شاگرد استنبول رستي ذريعي ڏيهه واپس پهچي ويو، ڪراچي واسي جُنيد حسين 4 مهينا اڳ ميڊيڪل جي تعليم پرائڻ لاءِ يوڪرين ويو هو

گارڊن جو رهواسي جنيد حسين الاهي 4 مهينا اڳ ميڊيڪل جي تعليم لاءِ ويو هو، وڪرين مان واپس آيل شاگرد چيو ته شڪر آهي الله تعاليٰ مون کي اهڙي صورتحال مان ڪڍي وطن واپس موڪليو

شاگرد جُنيد حسين ڏيهه واپسي بعد چيو آهي ته يوڪرين ۾ڪيترائي پاڪستاني شاگرد بي يارو مددگار آهن، يوڪرين ۾ پاڪستاني سفارتخاني جو ڪم ٻُڙي آهي، علائقي جي سينيٽر جو ٿورائتو آهيان، جنهن منهنجي ٽڪيٽ جو بندوبست ڪيو

هن چيو ته سفارتخاني طرفان چيو ويو ته رڳو 3 ڏينهن لاءِ رهائش ڏينداسين، ان کانپوءِ اسان جي ذميواري نه هوندي

ھي به پڙھندا

سليڪٽيڊ استعيفيٰ نه ڏني ته اسلام آباد پهچي سندس بندوبست ڪنداسين: بلاول