اسلام آباد (بيورو رپورٽ) قومي اسيمبلي جي اجلاس ۾ انتهائي جلد بازي ۾ درجن جي حساب سان نيئن نجي يونيورسٽين جي قيام لاءِ قانون سازي جي مامري تي حڪمران پارٽي نواز ليگ ۽ پيپلز پارٽي ۾ ڦڏو، قومي اسيمبلي جو اجلاس ئي ملتوي ڪيو ويو ڪالهه قومي اسيمبلي جو اجلاس ڊپٽي اسپيڪر زاهد اڪرم دراني جي صدارت ۾ ٿيو، ڪالهوڪي اجلاس جي ايجنڊا ۾ 13 نجي يونيورسٽين جي قيام جي بلن جي منظوري جو مامرو شامل هو، جن مان پي ٽي آءِ جي منحرف ميمبر رميش ڪمار وڪواڻي پاران مارگلا انٽرنيشنل يونيورسٽي، ٿر انٽرنيشنل انسٽيٽيوٽ جي قيام جا ٻه ڌار ڌار بل منظوري لاءِ پيش ڪيا، جنهن کي ايوان منظور ڪري ورتو، جنهن کان پوءِ ن ليگ جي ميمبر ذوالفقار ڀٽي پمز يونيورسٽي اسلام آباد جي قيام لاءِ بل منظوري لاءِ پيش ڪيو ته تعليم جي وفاقي وزير رانا تنوير ان جي مخالفت ڪئي، جنهن ڪري ان بل جي منظوري ملتوي ڪئي وئي، تعليم جي وفاقي وزير رانا تنوير جو چوڻ هو ته اسان جي ميمبرن جي تعليم سان ايتري محبت ٿي وئي آهي جو هڪ هڪ ميمبر چار چار يونيورسٽين جي قيام جا بل کڻي آيو آهي، انهن بلن ۾ اهو ته ڏٺو وڃي ته انهن ۾ آهي ڇا؟ ڇا انهن يونيورسٽين جي قيام کي هائير ايجوڪيشن ڪميشن جي معيار تحت جاچيو ويو آهي، جنهن کان پوءِ پيپلز پارٽي جي قادر مندوخيل سائنس، آرٽ ۽ ٽيڪنالاجي انسٽيٽيوٽ جي قيام جو بل منظوري لاءِ پيش ڪيو، ته ان بل جي به تعليم جي وزير مخالفت ڪئي پر جڏهن طاهره اورنگزيب پاران اخوت انسٽيٽيوٽ قصور جي قيام لاءِ بل پيش ڪيو ته ته رانا تنوير ان بل جي حمايت ڪندي چيو ته ان يونيورسٽي جي معيار جي ذميواري منهنجي آهي ان کي منظور ڪيو وڃي، جنهن تي ن ليگ جو ذوالفقار علي ڀٽي ۽ پيپلز پارٽي جا ميمبر ڪاوڙجي پيا ۽ بل جي ووٽنگ دوران ان جي منظوري جي مخالفت ڪئي، ڊپٽي اسپيڪر کي ميمبرن کي سيٽن تي بيهي حق ۽ مخالفت ۾ ووٽ ڪرڻ لاءِ چوڻو پيو، صورتحال حڪومت جي مخالفت ۾ ڏسي ڊپٽي اسپيڪر اجلاس جي ڪارروائي معطل ڪئي، لڳ ڀڳ 40 منٽن کان پوءِ اجلاس شروع ٿيو ته ڊپٽي اسپيڪر اجلاس اڄ اربع ڏينهن 11 وڳي تائين ملتوي ڪري ڇڏيو.