وارھ (ن پ ا) يونين ڪائونسل ياروديرو تي پ پ  اميدوار منور مغيري کي شڪست ڏئي ڪاميابي ماڻيندڙ آزاد اميدوار عذير تنيو پ پ تعلقي صدر رياض الدين ابڙوجي موجودگي ۾ پ پ ۾ شموليت جو اعلان ڪيو. منور مغيري چيو ته پارٽي سان هر موڙ تي گڏ ھوندس،پ پ تعلقي صدر رياض ابڙو چيو ته پ پ مخالفت  ۾ ڪامياب ٿيندڙ به پ پ ۾ شامل ٿي رهيا آھن اها پ پ جي سوڀ آھي.