جروار (رپورٽ : علي گوهر گبول) ڳوٺ فضل لنڊ ۾ شادي شده عورت سگهڙ لنڊ زال صدام لنڊ کي بندوق جا فائر ڪري قتل ڪيو ويو، يارولنڊ پوليس عورت جو لاش تحويل ۾ وٺي پوسٽ مارٽم ڪرائڻ لاءِ سول اسپتال ميرپور ماٿيلو منقتل ڪيو،پوليس مقتول عورت جي مڙس صدام لنڊ ۽ ڏير نياز لنڊ کي گرفتار ڪري ورتو. ,عورت جي لاش جو پوسٽ مارٽم ڪرائڻ بعد لاش مقتول لاش جي ڀاء چنيسر لنڊ حوالي ڪيو ويو جنهن کي يارولنڊ آندو ويو ۽ مقتول عورت جون آخري رسمون به سندس ڀاءُ چنيسر لنڊ جي گهر ادا ڪري مقامي قبرستان ۾ مٽي ماء حوالي ڪيو ويو. قتل ٿيل عورت جو ڀاء چنيسر لنڊ رابطو ڪرڻ کي ٻڌايو ته منهنجي ڀيڻ کي مڙس صدام جي ڀائرن ممتاز لنڊ ۽ مولا بخش لنڊ بنا جواز قتل ڪيو آھي ,هن وڌيڪ چيو ته اهي صدام جي ٻئي شادي ڪرائڻ چاهن پيا اجازت نه ڏيڻ تي انهن منهنجي ڀيڻ کي قتل ڪيو آھي. هوڏانهن يارولنڊ پوليس رابطو ڪرڻ ٻڌايو ته ديھ سوچارو جو ڳوٺ فضل لنڊ جا ڪجھ گهر دادلغاري ٿاڻي حد ۾ اچن ٿا جنهن گهر ۾ عورت قتل ٿي آھي اهو دادلغاري ۾ آھي دادلغاري پوليس جي نه پهچڻ تي اسان پهچي ڪاروائي ڪئي آھي هاڻي ڪيس داخل به دادلغاري ٿاڻي ٿيندو. هوڏانهن علائقي ۾ اهي چوٻول آھن ته عورت کي سندس ئي مڙس صدام لنڊ پنهنجي برادري جي صداقت لنڊ سان ڪارنهن الزام هيٺ قتل ڪيو ويو آھي.