وڳڻ (ن پ ا )وڳڻ ۾ مختلف شاخن جي پڇڙي ۾ پاڻي کوٽ وڌي وئي سارين جا پوکيل ٻيجارا سڙڻ لڳا آھن، علائقي جي مختلف شاخن ڪُور شاخ ميرواھ سوڀارو واھ ۽ لنڊي شاخ جي پڇڙي تي زرعي پاڻي جي شديد کوٽ ٿي وئي آھي، سارين جو پوکيل ٻيجارو وقت سر پاڻي نه ملڻ تي سڙڻ لڳو آھي، جڏھن ته پڇڙي جي آبادگارن آبپاشي کاتي جي عملدارن تي شاخن کي ڳنڍا ڏئي منڍ جي زميندارن کي پاڻي ڏيڻ جو الزام لڳايو آھي، ان سلسلي ۾ آبادگارن عاشق ڀنڊ، اعجاز مغيري ، غلام عباس،  ارباب شيخ، غلام حيدر شيخ، ڪريم جتوئي، محمد نواز ، راحب ڀنڊ ۽ ٻين جو چوڻ ھو ته علائقي ۾ شاخن جي پڇڙي کي ھٿ وٺي سڪائڻ جي سازش ڪئي پئي وڃي آبپاشي کاتي جا عملدار منڍ جي آبادگارن کان رقم وٺي غير قانوني ڳنڍا ڏياري پاڻي چوري ڪرائي رھيا آھن، جڏھن ته واھن جا منھن پيچ جي حساب کان وڌيڪ ڪيا ويا آھن، جيڪو پڇڙي جي آبادگارن سان سراسر ظلم آھي، اھڙي شڪايت آبپاشي آفيسرن ايس ڊي او ۽ اي سي سان ڪيون ٿا ته ھُو ٻڌڻ لاءّ تيار ناھن پڇڙي تي پاڻي جي ايتري ته کوٽ ڪئي وئي آھي، جو ٽيل جا آبادگار پوکيل ٻيجارن کي به سھي طريقي سان پاڻي نٿا ڏئي سگھون ھزارن جي اگھ ۾ ورتل مھانگا ٻج سڪي ۽ سڙي رھيا آھن، ھُنن مطالبو ڪيو ته علائقي جي شاخن ۾ گھرج موجب پاڻي ڏئي ٻيجارا سڙڻ کان بچايا وڃن ھوڏانھن آبپاشي عملدارن جو چوڻ ھو ته ڪجھ ڏينھن کان مٿان ئي پاڻي گھٽ ھو جنھن ڪري ڇڏيل پاڻي پڇڙي تي نه پھچي سگھيو ھو ۽ ھينئر پاڻي جي گيج وڌائي پڇڙي تائين پاڻي پھچائڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي ۽ جلد شاخن جي ٽيل تي پاڻي پھچائي آبادگارن جي شڪايت ختم ڪئي ويندي.