وڏي وزير مراد شاهه جي پرسنل سيڪريٽري سليم باجاري جو گهيرو تنگ

0
269

ڪراچي (رپورٽ: اياز بروهي) نيب وڏي وزير مراد علي شاهه جي پرسنل سيڪريٽري سليم باجاري جو گھيرو تنگ ڪري ڪري ورتو.

نيب   وڏي وزير جي پرسنل سيڪريٽري سليم باجاري جي پگھارن، ٽي اي ڊي اي سميت ٻين ملڪيتن بابت تفصيل طلب ڪري ورتا.

نيب اڪائونٽنٽ جنرل سنڌ کان سليم باجاري بابت تفصيل گهريا آهن، اڪائونٽنٽ جنرل سنڌ سموري سنڌ جي  ڊسٽرڪٽ اڪائونٽس آفيسرن کان سليم باجاري بابت تفصيل طلب ڪري ورتا.

نيب اڪائونٽنٽ جنرل کي چيو آهي ته سليم باجاري جي مقرري کان ھن وقت تائين کنيل مراعتن بابت تفصيل فراھم ڪيا وڃن، سليم باجاري جي پگھار ڪيتري آھي، ٻڌايو ته جي پي فنڊ مان ڪيتري رقم ڪٽي ويندي آھي؟ ۽ سليم باجاري نيٽ سيلري ڪيتري کڻندو آھي؟

سليم باجاري 12 جنوري 1994 ۾ اسسٽنٽ ايگزيڪيوٽو انجنيئر جي عھدي تي ڀرتي ٿيو ھو، سليم باجاري سنڌ ۾ 23 مختلف عھدن تي مقرر رھيو آھي.

نيب موجب سليم باجاري ھن وقت وڏي وزير مراد علي شاھ جي سينيئر پرائيويٽ سيڪريٽري جي عھدي تي مقرر ٿيل آھي.

نيب سليم باجاري ۽ ٻين خلاف آمدن کان وڌيڪ اثاثا ٺاھڻ بابت انڪوائري ڪري رھيو آھي.

 

ھي به پڙھندا

ٺل واسي 2 مغوي بازياب: ڌاڙيل مفت ۾ ڪنهن کي ناهن ڇڏيندا