ڪراچي: پي ٽي آءِ جي سنڌ اسيمبلي ۾ پارلياماني ليڊر خرم شير زمان اسپيڪر آغا سراج دراني کان مطالبو ڪيو  ته ٻوڏ صورتحال تي بحث لاءِ وڌيڪ 2 ڏينهن ڏنا وڃن، هن چيو ته وڏي وزير جي تقرير مان لڳي پيو ته سنڌ ۾ کير جون نديون وهي رهيون آهن. هن چيو ته سنڌ سرڪار کي جواب ڏيڻ لاءِ اسان کي وقت گهرجي ٿو، 10 منٽ في ميمبر گهٽ وقت آهي، اسپيڪر کيس روڪيندي چيو ته بحث هلڻ ڏيو، ضرورت پئي ته وڌيڪ وقت لاءِ تحريڪ آندي ويندي.