ممبئي (اسپورٽس نيوز) ڀارتي ڪرڪيٽ ٽيم جي اڳوڻي ڪرڪيٽر ۽ ڪامينٽريٽر سنجي منجريڪر چيو آهي ته منهنجي خيال ۾ ويرات ڪوهلي جي پاور گيم ڪجهه سال اڳ جي ڀيٽ ۾ گهٽجي وئي آهي. 53 ورهين جي سنجي منجريڪر اهي ريمارڪس آءِ پي ايل ۾ ممبئي انڊينز خلاف ڪوهلي جي 36 بالن تي 46 رنسن جي اننگز تي ڏنا. هن چيو ته ويرات ڪوهلي ڪجهه رنسون ٺاهيون پر جڏهن مان کيس ڏسندو آهيان ته ان ڳالهه تي ڌيان ڪندو آهيان ته ان جا ڇڪا ڪنهن حد تائين ويندا آهن، بائونڊري ڀرسان، اسٽينڊ ۾ يا ٻئي درجي ۾، ان جا ڇڪا هاڻ ڏکيائي سان بائونڊري لائن ڪراس ڪري رهيا آهن ۽ آئون گذريل هڪ سال کان اهو ئي چئي رهيو آهيان ته ويرات ڪوهلي جي پاور گيم ڪجهه گهٽ ٿي وئي آهي. سندس چوڻ هو ته 5، 6 سال اڳ هو وڏا ڇڪا هڻندو هو، آئون ان جي طاقت تي ڌيان ڏيندس، ان تي نه ته هن 50 رنسون ٺاهيون يا 60 رنسون. سنجي منجريڪر چيو ته هڪ ڀيرو جڏهن ان جي پاور گيم بهتر ٿي وڃي ته چوندس ويرات ڪوهلي صحيح معنيٰ ۾ ٽي ٽوئنٽي ڪرڪيٽ ۾ واپس اچي ويو آهي.