لاهور ( اسپورٽس ڊيسڪ ) ايشين ڪرڪيٽ ڪائونسل ( اي سي سي ) وومينز ٽي ٽوئنٽي ايشيا ڪپ لاءِ پاڪستان ٽيم جو اعلان ڪري ڇڏيو. وومين ايشيا ڪپ ايندڙ مهيني سريلنڪا ۾ ٿيندو، 19 جولاءِ کان 28 جولاءِ تائين جاري رهندڙ ايونٽ لاءِ ندا ڊار کي پاڪستان وومين ٽيم جو ڪپتان برقرار رکيو ويو آهي جڏهن ته ارم جاويد، عميما سهيل سيده عروب شاهه جي ٽيم ۾ واپسي ٿي آهي. تسميا رباب پهريون ڀيرو پاڪستان ٽيم ۾ شامل ٿي آهي جڏهن ته انگلينڊ ۾ پاڪستاني ٽيم ۾ شامل عائشا ظفر، نتاليا پرويز، رامين شميم، صدف شمس، ام هاني ۽ وحيده اختر ٽيم ۾ جڳهه نه ٺاهي سگهيون. عاليا رياض، ڊيانا بيگ، فاطمه ثنا، گل فيروزا، ارم جاويد، منيبا علي، نجيهه علوي، نشرا سنڌو، عميما سهيل، سعديه اقبال، سدرا امين، سيده عروب شاهه ۽ طوبيٰ حسن کي قومي اسڪواڊ ۾ برقرار رکيو ويو آهي.