لاهور (اسپورٽس ڊيسڪ) پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جي سينيئر مئنيجر وهاب رياض مٿس الزام لڳائيندڙ صحافي کي ليگل نوٽيس موڪلي ڇڏيو. وهاب رياض صحافي جي وي لاگ ۾ مڙهيل الزامن تي ليگل نوٽيس موڪليو آهي جنهن ۾ صحافي خلاف پنجاهه ڪروڙ رپيا ڏنڊ جي دعويٰ ڪئي وئي آهي. ليگل نوٽيس جي متن موجب، الزام لڳائڻ تي صحافي کي 14 ڏينهن اندر معافي جو چيو ويو آهي جڏهن ته معافي نه وٺڻ جي صورت ۾ قانوني ڪارروائي شروع ڪئي ويندي. نوٽيس جي متن ۾ چيو ويو آهي الزامن سبب وهاب رياض جي ساک متاثر ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي. ان کان اڳ قومي ٽيم جي ڪپتان بابر اعظم به الزام لڳائيندڙ صحافين ۽ اڳوڻن ڪرڪيٽرن خلاف قانوني ڪارروائي جو اعلان ڪيو.