ڪرائسٽ چرچ ( اسپورٽس ڊيسڪ ) نيوزيلينڊ جي ڪرڪيٽر ڪين وليمسن نيوزيلينڊ ڪرڪيٽ جو سينٽرل ڪانٽريڪٽ وٺڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو آهي. پرڏيهي ميڊيا موجب، ڪين وليمسن نيوزيلينڊ جي وائٽ بال ( ون ڊي ۽ ٽي ٽوئنٽي ) ٽيم جي قيادت تان به هٿ کڻي ورتو آهي.
سينٽرل ڪانٽريڪٽ وٺڻ کان انڪار بعد وليمسن مڪمل سيزن لاءِ دستيابي کان آزاد ٿي ويو آهي جڏهن ته سينٽرل ڪانٽريڪٽ نه وٺڻ باوجود وليمسن نيوزيلينڊ ڪرڪيٽ لاءِ پنهنجي موجودگي جو عزم ظاهر ڪيو آهي. ڪين وليمسن جنوري ۾ نيوزيلينڊ کي سمر سيزن دوران دستياب نه هوندو جڏهن ته ورلڊ ٽيسٽ چيمپيئن شپ جي اٺ ميچن ۽ پاڪستان ۾ شيڊيول چيمپيئنز ٽرافي لاءِ ڪيوي ٽيم کي سليڪشن لاءِ دستياب هوندو