اسلام آباد: قومي اسيمبلي جي اجلاس ۾وقتي  اسپيڪر قاسم سوري هڪ ڀيرو ٻيهر رولز ۽ اجلاس جي ايجنڊا کي نظر انداز ڪري ڇڏيو، قومي اسيمبلي جي اجلاس جي هڪ نقاطي ايجنڊا رڳو وزيراعظم جي چونڊ هئي پر قائم مقام اسپيڪر قاسم سوري ايجنڊا کي نظر انداز ڪندي پهريان پاڻ تقرير ڪئي، جنهن کانپوءِ پوائنٽ آف آرڊر تي شاهه محمود قريشي کي پڻ تقرير ڪرڻ جو موقعو ڏنو، شاهه محمود قريشي جي تقرير ختم ٿيڻ کانپوءِ قاسم سوري وقتي اسپيڪر جي حيثيت ۾ وزيراعظم جي عهدي تي چونڊ ڪرائڻ کان اهو چئي انڪار ڪيو ته منهنجو ضمير گوارا نه ٿو ڪري ته آئون  وزيراعظم جي چونڊون ڪرايان، جنهن بعد پرزائيڊنگ آفيسر اياز صادق وزيراعظم جي چونڊ ڪرائي،  وزيراعظم جي چونڊ کانپوءِ  جڏهن نئون وزيراعظم شهباز شريف تقرير ڪري رهيو هو ته انهي دوران 2 کان 3 ڀيرا اسيمبلي جي سيڪيورٽي عملي سردار ا ياز صادق وٽ  پهچي وقتي اسپيڪر جو نياپو ڏنو، پارلياماني روايتن مطابق ايوان ۾ موجود پارٽين جا پارلياماني ليڊر به خطاب ڪندا آهن پر ڊپٽي اسپيڪر اوچتو ايوان ۾ اچي پارلياماني  اڳواڻن کي تقريرن جو موقعو ڏيڻ کانسواءِ ئي اجلاس جي ڪارروائي 16 اپريل شام 4 وڳي تائين ملتوي ڪري ڇڏي، جنهن سبب شهباز شريف کانسواءِ  ڪنهن به اتحادي پارٽي جو سربراهه تقرير  ڪري نه سگهيو.