حيدرآباد (بيورو رپورٽ) قومي عوامي تحريڪ جي سربراھ اياز لطيف پليجي چيو آهي ته وفاقي حڪومت سنڌ سان پاڻي معاملي تي ٿيندڙ ناانصافي بند ڪري فوري طور ڪوٽڙي کان ھيٺ سمنڊ ۾ پاڻي جو ڇوڙ ڪيو وڃي. پاڻي نه ملڻ سبب ڊيلٽا تباهه ٿي ويو آھي. ساحلي علائقن جا ماڻھو بنيادي انساني سھولتن کان محروم بڻيل آهن. سنڌ کي جيڪو پاڻي ملي ٿو اھو حڪومتي ۽ طاقتور ماڻھو زبردستي  چوري ڪري وڃن ٿا جنهن ڪري پڇڙي جي آبادگارن کي پاڻي فراهم نه ٿي رهيو آهي. هن مطالبو ڪيو ته سنڌ ۾ پاڻي جي کوٽ واري معاملي کي وفاقي سرڪار سنجيدگي سان ڏسي ته جيئن سنڌ ۾ زمينون بنجر بڻجڻ کان بچي سگهن.