اسلام آباد(م ڊ) تحريڪ انصاف اڳواڻ فواد چوڌري چيو آهي ته اليڪشن ٿيڻ آئيني ضرورت آهي، سپريم ڪورٽ جي حڪم تي عمل ٿيڻ ضروري آهي، اميد ته چونڊن لاءِ فنڊ جاري ڪيا ويندا. اسلام آباد ۾ حماد اظهر سان گڏ پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته فواد چوڌري چيو ته جنهن کي ڪير نٿو سڃاڻي اهو  ماڻهو ججن ۽ 8 رڪني بينچ خلاف ريفرنس آڻي رهيو آهي، چيف جسٽس دليراڻا فيصلا ڪندو ته تاريخ کيس ياد رکندي. هن چيو ته مولانا فضل الرحمان جو ٽي ايل پي ڌرڻن جي حمايت بابت الزام سنگين آهي، ڪميشن جوڙي جاچ ڪرائي وڃي. سندس چوڻ هو ته مولانا فضل الرحمان هڪ صوبائي پارٽي جو سربراهه آهي، سندس ڪا سياسي حيثيت ناهي. فواد چوڌري چيو ته مولانا فضل الرحمان چوي پيو ته سندس ڌرڻي دوران جنرل باجوه ۽ جنرل فيض عمران خان جو تختو اونڌو ڪرڻ جو واعدو ڪيو هو، اهڙو انڪشاف وڏي اهميت جوڳو آهي. هن چيو ته فضل الرحمان نالا کنيا، جن ماڻهن سان سندس ڳالهه ٻولهه ٿي هئي، کيس پنهنجي قد موجب ڳالهيون ڪرڻ گهرجن. ان تي جاچ جي ضرورت آهي ان تي فارمل ڪميشن جوڙڻ گهرجي ۽ خبر پوڻ گهرجي ته ان ۾ ڪير ڪير ملوث هو ڪنهن کيس خاطري ڪرائي هئي. سندس چوڻ هو ته ڄمون ڪشمير جي اڳوڻي گورنر ستيه پال ملڪ جي انٽرويو تي ڀارت ۾ باهه لڳي وئي آهي پر هتي ان تي ڪير به نٿو ڳالهائي. فواد چوڌري چيو ته ٻه ڏينهن انتظار ڪيو ته ڪو حڪومتي نمائندو ڪشمير تي رد عمل ڏئي، ستيال پال ملڪ جي بيان تي رد عمل نه ڏيڻ ڳڻتي جوڳو آهي. سندس چوڻ هو ته ستيا پال ملڪ چيو آهي ته پلوامه معاملو مودي جي غلطي هئي. اهو اهم بيان آهي.