ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) وفاقي محتسب نويد احمد شيخ غيرقانوني هجرت روڪڻ لاءِ مڪينزم جوڙڻ جي هدايت ڪري ڇڏي آهي. وفاقي محتسب ڪراچي سيڪريٽريٽ جو دورو ڪيو ان موقعي تي ميڊيا جي نمائندن کي خطاب ڪندي هن چيو ته گذريل سال لڳ ڀڳ هڪ لک51 هزار ماڻهن پروٽيڪٽوريٽ آفيس جو دورو ڪيو ۽ پنهنجي پرڏيهه ۾ روزگار لاءِ رجسٽريشن حاصل ڪئي. هن چيو ته اهڙي رجسٽريشن ۾ انشورنس ۽ ٻيا مالياتي ۽ قانوني فائدا شامل آهن، هن چيو ته ڪيترن ئي ماڻهن کي ان رجسٽريشن جي خبر ناهي . نويد شيخ چيو ته ايئرپورٽ تي غير رجسٽرڊ اميگريشن ڪارڪنن کي آف لوڊ ڪرڻ کان بچڻ لاءِ آن لائن رجسٽريشن ۽ اسٽيمپ ميڪنزم کي يقيني بڻايو وڃي هن پروٽيڪٽوريٽ آفيسرن  هدايت ڪئي ته هو غير رجسٽرڊ ايجنٽن، فراڊ ڪندڙ ماڻهن جي ذريعي غير قانوني هجرت کي روڪڻ لاءِ ميڪنزم شروع ڪن ۽ اهڙن ماڻهن جو احتساب ڪيو وڃي.