نئين دهلي(اسپورٽس نيوز) پاڪستان جي اڳوڻي ڪپتان وسيم اڪرم ڏکيائين جو شڪار ڀارتي بيٽر سوريا ڪمار ياديو جي حمايت ڪئي آهي. 2022ع ۾ ڀارتي محدود اوورز ڪرڪيٽ ۾ نمايان رهندڙ سوريا ڪمار ياديو جي هلندڙ فارم ڪجهه متاثر ڪندڙ نه رهي آهي، هن کي آءِ پي ايل کان اڳ آسٽريليا سان هوم سيريز ۾ 3 گولڊن ڊڪ کي منهن ڏيڻو پيو هو. وسيم اڪرم هن جو حوصلو وڌائيندي چيو آهي ته ڪيريئر ۾ اهڙو خراب وقت ڪنهن به سبب جي ڪري ايندو آهي جيڪو هر بهترين بيٽسمين کي پيش اچي سگهي ٿو.  فارم عارضي هوندي آهي جڏهن ته بيٽر جو ڪلاس هميشه لاءِ هوندو آهي. هن چيو ته جڏهن ڪنهن بيٽر کي پنهنجي خراب فارم بابت ڄاڻ ملي ويندي آهي ته پوءِ اهو ٿورو احتياط ڪندو آهي، اهو ڀرپور انداز ۾ واپسي ڪري سگهندو.