وسيلا سنڌين جا، بيروزگار به سنڌي؟

0
324

مني صدي کن اڳ، جڏهن کان هي ملڪ وجود ۾ آيو آهي تڏهن کان سنڌين سان وفاق جي روا رکيل ٻه اکيائي ته جاري آهي پر خاص طور تي ضيائي آمريت واري يارنهن سالن جي دور ۾ سنڌ تي گهڻ رخي حملا ڪيا ويا، سياسي طور سنڌ کي ڀت سان لڳائڻ کان سواءِ معاشي طور به سنڌ جي چيلھه چٻي ڪئي وئي، سنڌي ماڻهن لاءِ ڪاروبار سان گڏ روزگار جا ٻيا در به بند ڪيا ويا، ان دور ۾ سرڪاري ادارن ۾  نوڪريون ڄڻ ته وڏي صوبي جو ئي قانوني حق بڻيل هو پر جيئن ئي ضيائي آمريت جو دور پنهنجي منطقي انجام تي پهتو ته سنڌي ماڻهن لاءِ روزگار جا در به کلڻ لڳا.

خاص طور تي بينظير ڀٽو شهيد جي ٻئي دور ۾ سنڌي ماڻهن کي ملڪي سطح جي وڏن ادارن ۾ ڪافي روزگار مليو ۽ سرڪاري نوڪريون مليون.  1994ع- 1995ع تائين 25 کان وڌيڪ فيڊرل گورنمينٽ جي ڊپارٽمينٽس ۽ ان جي ماتحت ادارن ۾ سنڌي ماڻهن کي نوڪريون ملڻ جو سلسلو جاري رهيو، ليڪن هن ملڪ جي ماڻهن جي بدقسمتي ته ڏسو ته جيئن 1996ع کان پوءِ ميان نواز شريف جي حڪومت آئي ته 1997ع ۾ هڪ نادرشاهي حڪم نامي جي  ذريعي انهن سڀني ماڻهن کي  نوڪرين مان برطرف ڪيو ويو، نوڪرين مان نڪتل انهن ماڻهن جو قصور صرف اهو هئو ته انهن ۾ سنڌي ماڻهن جو ججهو تعداد هو. نواز شريف حڪومت پاران برطرف ڪيل ماڻهن کي 2008ع واري پ پ حڪومت هڪ دفعو ٻيهر اچي بحال ڪيو جيڪي سالن کان پنهنجي ٻچن جو گذران ڪري رهيا هئا ته هڪ دفعو ٻيهر انهن ملازمن، جن جو تعداد اٽڪل 24 هزار ٿئي ٿو تن کي انصاف جي اعليٰ ايوان ۾ ويٺل منصفن جي بي رحم قلم ذريعي هڪ دفعو ٻيهر برطرف ڪيو ويو آهي. اوهان ڏسو ته ان عمل سان سڀ کان گهڻو سنڌي نوڪري پيشه ماڻهو متاثر ٿيو آهي.

افسوس ته سنڌ جا نوجوان جيڪي اڳ ۾ ئي نوڪريون حاصل ڪرڻ لاءِ در در جون ٺوڪرون کائي رهيا آهن انهن کي نوڪريون ڏيڻ بدران جيڪي ماڻهو سالن کان روزگار سان لڳل هئا انهن کي به بي رحمي سان بي روزگار ڪيو ويو آهي.

اها هڪ ڪڙي حقيقت آهي ته وڏي صوبي جو ڊوميسائل رکندڙ ريٽائرڊ آفيسرن کي ٻيھر به نوڪرين سان نوازيو وڃي ٿو پر در بند آهن ته فقط سنڌي نوجوانن لاءِ.

هڪ نوجوان نوڪري حاصل ڪرڻ لاءِ جيڪا ڊگري حاصل ڪري ٿو ان ڊگري جي پٺيان سندن والدين جو ڪيترو رت ۽ ست لڳل هوندو آهي سو فقط اهي ماڻهو ڄاڻي سگهن ٿا جن جو اولاد بي روزگار هجي ٿو.

اسان جا نوجوان وڏي مشڪل سان پڙھي جڏهن ڊگريون حاصل ڪن ٿا ته سندن اهي ڊگريون ڪارائتيون نٿيون رهن. نوڪريون نه ملڻ کان به وڏو ٻيو ظلم اهو ٿي رهيو آهي ته هن وقت سنڌ جون زمينون ۽ ملڪيتون ڦٻائڻ لاءِ به وفاق سندرو ٻڌي ميدان تي لٿل آهي. سنڌي ماڻھو جي حقن تي مسلسل ڌاڙا لڳي رهيا آهن، سنڌ جو تعليمي نظام تباھه ڪرڻ جا سانباها ڪيا پيا وڃن.

هن وقت هڪ طرف وفاق سنڌ سان ازلي وير پاڙڻ لاءِ وڙهي رهيو آهي ته ٻئي طرف وري سنڌ ۾ رهندڙ ۽ سنڌ جو ئي نمڪ کائيندڙ پناهگير پڻ پنهنجي اصلي چهري کي اگهاڙو ڪري سامهون اچي ويا آهن، ان جي مثال طور اوهان ڏسو ته ڪجھه مهينا اڳ سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ ايم ڪيو ايم جي ميمبر سنڌ اسيمبلي خواجه اظهار الحق ديده دليري سان هڪ پٽيشن داخل ڪئي جنهن ۾ حڪومت کان جواب طلب ڪيو ويو ته  ڪراچي ۾ سنڌي ماڻهو نوڪريون، تعليم، رهائش، واپار ڇو ٿا ڪن؟ هن عدالت کي استدعا ڪئي ته سنڌي ماڻهن جا ڊوميسائيل رد ڪيا وڃن ۽ ڪراچي ۾ ايندڙ نون سنڌين کي اڳتي لاءِ نه ڏنا وڃن. اوهان ڏسو ته هزارين سالن کان سنڌ ۾ رهندڙ ڌرتي ڌڻين کان ڪالھه آيل پناهگير سندن  بنيادي حق کسڻ جي سازش ڪري رهيا آهن. هي اهي ئي ماڻهو آهن جن وٽ گذريل ڪيترن سالن کان ڪراچي جو امن، پيسو، اقتدار يرغمال بڻيل رهيو آهي سي اڃان به ان تي پنهنجي گرفت مضبوط ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهن ۽ لساني نفرتون وڌائڻ جي پڻ ڪوشش ڪري رهيا آهن.

ملڪي آئين ۾ ڏنل ڇوٽ سبب ملڪ رياض سميت ڪيترائي وڏا بلڊرز ۽ ادارا سنڌ ۾ لکين ايڪڙ زمينون ڀڳڙن مٺ تي خريد ڪري ڪاروبار ڪرڻ سان گڏ ڌاري آبادڪاري به ڪري رهيا آهن پر  ڏٺو وڃي ته مقامي ماڻهن ۽ اصل وارثن کي نه ته سهولتون ملن ٿيون نه ئي نوڪريون ۽ ٻيا ڪي فائدا. هن انوکي آئيني ڇوٽ سبب اسانجون تاريخي وسنديون ۽ قديم ڳوٺ ته مسمار ٿي رهيا آهن پر مقامي باشندن جي زندگيءَ ۾ ڪابه تبديلي نٿي اچي. اوهان ڏسو ته وڏن بلڊرز ۽ ادارن جي اڪثر اسڪيمن ۾  سيڪيورٽي گارڊ، چوڪيدار، پٽيوالا به اڪثر ڪري ٻين صوبن جا هجن ٿا، ايتريقدر جو مسجدن جا  موذن به پنجاب مان آندا وڃن ٿا. اين ايڇ اي جي ٺاهيل نقلي موٽروي تي ڏسو ته ٽول پلازائن تي ڪيئن نه لٽ مار جاري آهي، سنڌي ماڻهن جا قديمي ماڳ متاثر ٿيا پر انهن کي سروس روڊ به ٺاهي نه ڏنو ويو جنهن ڪري مقامي ماڻهو ڳرا ٽول ٽيڪس ڀري پنهنجي ڳوٺن ۾ وڃڻ لاءِ به پنجاھه پنجاھه ڪلو ميٽرن جو ڦيرو ڪري وڃن ٿا. سنڌ ۾ هن وقت عدالتي فيصلن جي آڙ ۾  سنڌ دشمني تي ٻڌل ڪم جاري آهن، ڌرتيءَ ڌڻين کي اقليت ۾ تبديل ڪندڙ منصوبا وڏي پلاننگ سان هلندڙ آهن. هن وقت ڪرڪيٽ ٽيم جي ڪپتان کان وٺي آرمي چيف جي عهدي تائين سمورا عهدا، کاتا ۽ ادارا سنڌين لاءِ اوپرا بڻيل آهن، سپريم ڪورٽ جي چيف جسٽس کان ويندي نيول آرمي چيف تائين سڀ عهدا ۽ کاتا ٻين صوبن جي ڊوميسائل رکندڙ ماڻهن وٽ آهن، اهڙي صورتحال ۾ سنڌين لاءِ نوڪرين جا در به بند ڪيا ويا آهن. ڪوئلو سنڌ جو، بجلي، گئس، پئٽرول، بندرگاھه، روينيو سڀ جو سڀ سنڌ جو، سنڌ 70 سيڪڙو ڪمائي وفاق کي ڏئي پر پوءِ به سنڌين سان ذري گهٽ بنگالين وارو سلوڪ ڪيو پيو وڃي، يعني سنڌ جا وسيلا کپن پر سنڌي نه کپن!

چئني طرفن کان وفاقي حملن هيٺ آيل سنڌ جا نوجوان هڪ طرف بيروزگاري سبب خودڪشون پيا ڪن ته ٻئي طرف وري سنڌ جي انهن 24 هزار ماڻهن کي عدالتي حڪم ذريعي نوڪرين مان ڪڍيو ويو آهي جن کي پ پ جي مختلف دورن ۾ وفاقي کاتن  ۾ ڀرتي ڪيو ويو هو. هن هيڏي وڏي ظلم ۽ جبر تي سنڌ جو شعور سوچي رهيو آهي ته ملڪ کي ستر سيڪڙو کان به وڌيڪ آمدني ڏيندڙ ۽ سمورن صوبن جي لکين ماڻهن کي پاليندڙ سنڌ صوبي کي آخر ڪهڙي ڏوھه جي سزا ڏني پئي وڃي؟