اسلام آباد (بيورو رپورٽ) وزيراعظم عمران خان ڪورونا جي خطرناڪ لهر ۾ متاثر ڀارتي شهرين سان همدردي جو
اظهار ڪيو آهي، جاري ڪيل ٽوئيٽ بيان ۾ وزيراعظم عمران خان چيو ته ڀارت سوڌو سموري دُنيا ۾ ڪورونا متاثرن جي جلد صحتيابي لاءِ دعاڳو آهيون، عالمي وبا کي منهن ڏيڻ لاءِ سڀني کي جدوجهد ڪرڻي پوندي، پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي به ڀارتي شهرين سان همدردي جو اظهار ڪندي چيو آهي ته عالمي وبا اسان جي خطي کي تمام گهڻو نقصان پهچايو آهي، ڀارت ۾ ڪورونا متاثر خاندانن سان پاڪستان جي عوام طرفان همدردي جو اظهار ڪريون ٿا.