دوشني(م ڊ) وزير اعظم شهباز شريف وفد سان گڏ تاجڪستان جي ٻن ڏينهن جي دوري تي دوشنبا پهچي ويو. دوشنبي ايئرپورٽ تي تاجڪ وزير اعظم قاهر رسول زادا ۽ وزيرن کيس استقبال ڪيو. ايئرپورٽ تي وزير اعظم شهباز شريف سان تاجڪ وزيراعظم قاهر رسول ملاقات ڪئي. وزير اعظم دوشنبا ۾ اسماعيل ساماني جي يادگار تي پهچي گلدستو رکيو. تاجڪ صدر امام علي رحمان سان پڻ ملاقات ڪئي، وزيراعظم کيس پاڪستان ۾ مختلف شعبن ۾ سرمائيڪاري، علائقائي رابطن، پاڪستاني۽ تاجڪ قوم وچ ۾ سماجي رابطن کي هٿي ڏيڻ جي دعوت ڏني آهي.  ان موقعي تي ڳالهيون ڪندي شهباز شريف چيو ته اسماعيل ساماني وچ ايشيا جي تاريخي شخصيت ۽ تاجڪستان جو قومي هيرو آهي جنهن نائين ۽ ڏهين صدي ۾ تاجڪستان ۽ خراسان جي علائقي تي حڪومت ڪئي ۽ تاجڪ قوم کي تاريخي ترقي جي رستي تي گامزن ڪيو. وزيراعظم پنهنجي دوري ۾ تاجڪ قيادت ۽ اعليٰ اختيارين سان ملاقاتن ۾ گڏيل دلچسپي جي معاملن، ٻطرفن لاڳاپن، علائقائي ۽ عالمي صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. وزيراعظم شهباز شريف شنگهائي تعاون تنظيم جي اجلاس ۾ به شرڪت ڪندو.