اسلام آباد (م ڊ) فضل الرحمان بابت آرمي چيف پاران ڊيزل چوڻ کان منع ڪرڻ واري ڳالهه کي تجزئي نگارن مايوس  ڪندڙ عمل قرار ڏيندي چيو آهي ته وزيراعظم جو جلسي ۾ اهڙو خطاب سندس حلف ۽ آئين جي خلاف ڳالهه آهي، نجي ٽي وي سان ڳالهائيندي سينئر صحافي حامد مير چيو آهي ته فوج قومي سلامتي جو اهم ادارو آهي، فضل الرحمان بابت آرمي چيف جي وزيراعظم سان جيڪڏهن ڪا ڳالهه ٿي آهي ته اها ايئن عام جلسي ۾ نه ڪرڻ گهرجي ها، اها آئين جي خلاف ڳالهه هوندي، وزيراعظم جي ڳالهه شايد سندس حلف جي به خلاف آهي، هن چيو ته ڪالهه ئي ڊي جي آءِ ايس پي آر چيو آهي ته فوج کي سياست ۾ نه آندو وڃي، ٻئي ڏينهن ئي وزيراعظم چيو ته جنرل باجوا کيس چيو آهي ته فضل الرحمان کي ڊيزل نه چئو، ان اهو تاثر ملي ٿو ته وزيراعظم فوج جي ڳالهه رد ڪئي، حامد مير چيو ته وزيراعظم جي ڳالهه مان اهو تاثر ويو ته آرمي چيف فضل الرحمان سان همدردي رکي ٿو، هن چيو ته وزيراعظم مذهب کي به سياست ۾ آڻي رهيو آهي. منيب فاروق چيو ته وزيراعظم شايد اهو تاثر ڏنو ته فوج اسان سان گڏ آهي، وزيراعظم جو اهو رويو مايوس ڪندڙ آهي، گهڻي دٻاءُ ۽ پريشاني ۾ آهي. هن چيو ته وزيراعظم سرڪاري وسيلا استعمال ڪري ڊي چوڪ تي جلسو ڪرڻ جي به ڳالهه ڪئي. سهيل وڙائچ چيو ته وزيراعظم جو اهو رويو مناسب ناهي، اجايو ماحول گرم ٿيندو.