وري دهشتگرديءَ جو چئلينج!

0
275
وري دهشتگرديءَ جو چئلينج!

 هن رياست کي شروعات کان ئي سياسي بحرانن پنهنجي گھيراءَ ۾ رکيو آهي. ان جو ئي نتيجو معاشي بحرانن جي صورت ۾ وڌندو رهيو ۽ انهن ٻنهي بحرانن گڏجي ٽئين بحران کي جنم ڏنو ۽ اهو بحران دهشتگرديءَ جو بحران رهندو پيو اچي، جيڪو وڌندي هن وقت سياسي ۽ معاشي بحران کان وڌيڪ هڪ خوفناڪ چئلينج بڻجي چڪو آهي. انهيءَ جي شدت، جنهن ۾ لاڳيتو اضافو ٿيندو ٿو وڃي، انهيءَ کي محسوس ڪندي ڪور ڪمانڊر ڪانفرنس، جيڪا 17 جولاءِ تي ٿي گذري، انهيءَ ۾ صاف ۽ چٽن لفظن ۾ اهو چيو ويو آهي ته پاڙيسري ملڪ يعني افغانستان پابندي پيل تحريڪ طالبان پاڪستان ۽ ٻين دهشتگرد گروپن کي مدد ڏئي پيو، جنهن مدد ۾ دهشتگردن کي محفوظ ٺڪاڻا، خوفناڪ جديد هٿيار ته ملن ئي ٿا، لازمي طور اتي انهن کي انهن جديد هٿيارن جي ٽريننگ به ڏني ويندي هوندي. ڪانفرنس ۾ ان چئلينج کي منهن ڏيڻ جي لاءِ پنهنجي پيشورانا صلاحيت جي بنيادن تي ملڪ جي دفاع لاءِ چيو ويو آهي ته اسان مڪمل طور تي تيار آهيون. يقينن پاڪستان آرمي سرحد پار کان ٿيندڙ دهشتگردي کي منهن ڏيڻ جي لاءِ تيار ئي رهندي، ڇو ته انهن جو دفاعي فرض آهي پر هن دهشتگرديءَ جو مقابلو رڳو هٿيارن جي طاقت ۽ فوجي طاقت سان ڪرڻ اڌورو عمل ٿيندو. انهيءَ جي لاءِ لازمي آهي ته هن جي تاريخي ارتقائي جيڪي به پهلو ۽ پاسا رهيا آهن، انهن کي آڏو رکي ڪري گھڻ رخي حڪمتِ عملي اختيار ڪندي اها جنگ وڙهي وڃي. ڇو ته هي چئلينج هن رياست کي مسلسل شھ ڏيندو رهيو آهي. انهيءَ جو خاتمو هر صورت ۾ لازمي ٿيڻ گھرجي.

بيشڪ هن جنگ جي اندر داخل ٿيڻ جو هڪ وڏو ڪارڻ عالمي سامراجي مفاد هئا. ان عالمي سامراج جي جيڪا قيادت آمريڪا بهادر ٿي ڪئي، تڏهن دنيا ٻن بلاڪن ۾ ورهايل تصور ٿيندي هئي. افغانستان جي اندر ثور انقلاب سرمائيداري دنيا کي ته ڌوڏي ئي وڌو پر ان سان گڏوگڏ هن خطي جي لاءِ به سرخ طوفان نظر اچي رهيو هو، جنهن ڪري ثور انقلاب کي اها حمايت ۽ مدد نه ملي سگھي ۽ سامراجي قوتن ان جو ڀرپور فائدو وٺندي پاڪستان کي مورچي جي طور تي استعمال ڪندي خوفناڪ جنگ جي شروعات ڪئي. تڏهن ضياءُ الحق پنهنجي اقتدار کي بچائڻ لاءِ ۽ گڏوگڏ ڊالرن جي طاقت حاصل ڪرڻ جي لاءِ انهيءَ جنگ کي عظيم جهاد جو نالو ڏنو.

معاملو رڳو ايستائين ئي نه هو پر اسان کي اهو به نه وسارڻ گھرجي ته تڏهن آءِ ايس آءِ جو جنرل حميد گل وڏي اعتماد سان اهو بيان بار بار پئي ورجايو ته، “افغانستان پاڪستان جو پنجون صوبو آهي ….” ۽ پوءِ افغان پناهگير هڪ ٻوڏ جيان پاڪستان ۾ ايندا رهيا (جن جو وڏو تعداد سنڌ ۾ آباد ٿيندي نظر آيو) صرف افغان پناھگيرن جو معاملو ئي نه هو پر سامراجي حمايت سان وڙهندڙ افغاني رڳو جهاد نه ڪري رهيا هئا پر هو مالِ غنيمت به هٿ ڪري رهيا هئا، اهو مالِ غنيمت جيڪو سرمائيداري اتحادين جي طرفان بي حساب عطا ٿي ڪيو ويو ۽ پوءِ هڪ کليل ڇوٽ مليل هئي، جنهن ۾ مليل هٿيار خاص ڪري ڪلاشنڪوف، راڪيٽ لانچر، دستي بم، اينٽي ايئر ڪرافٽ گن، ۽ طرح طرح جا هٿيار ڏنا ويا ۽ ان جي پڇا ئي نه ڪئي ويندي هئي. اهوئي سبب هو جو تن ڏينهن ۾ پاڪستان هٿيارن جو باڙا مارڪيٽ بڻجي چڪو هو، جنهن ۾ هٿيار ته هئا پر منشيات جو ڪاروبار به عام هو ۽ خاص ڪري هيروئن نشي جي پائوڊر جو هن ملڪ واسين پهريون دفعو نالو ٻڌو. ٻئي طرف افغان جهاد جي لاءِ کلي عام مدرسن مان ڀرتيون ٿيڻ شروع ٿيون. رياستي ادارن جي سيڪريٽ ريڪارڊ ۾ شايد وڏو تفصيل هوندو پر اسان جي مشاهدي ۾ اهوئي هو ته شايد ئي ڪو مدرسو اهڙو هو، جتان ڀرتي نه ٿي. تن ڏينهن ۾ هڪ وڏي ‘ايڊ’ (امداد) به ڏني ويندي هئي، جيڪا مدرسن کولڻ جي لاءِ استعمال ٿيندي هئي ۽ انهن مدرسن جي نالي تي بري ۽ بدتر ڪرپشن ٿي هئي. اهڙي طرح سان افغان جهاد جيڪو مذهبي جذبي ۽ نظريي جي بنيادن تي اڀاريو ويو هو، اهو سڃو سارو هڪ مافيائي ۽ دهشتگرد گروھ ۾ تبديل ٿي ويو ۽ افغانستان هڪ نه کٽندڙ گروهي جنگ ۾ وڪوڙجي ويو.

اسان اهو ته اڄ چئون ٿا ته افغانستان ان گروهي جنگ مبتلا ٿي ويو پر اسان کي اهو به نظر اچي پيو ته اهي گروھ هن ملڪ يعني پاڪستان جي اندر به ايتري ئي شدت سان وڌندا رهيا ۽ پوءِ جڏهن افغانستان جي اندر مجاهدين سوشلسٽن کي هٽائي اقتدار ۾ اچي ويا ته انهيءَ گروهي وار جي ٻئي صورت انتشار ۾ اچڻ لڳي ۽ پوءِ اسان طالبان کي رڳو منظم ٿيندي نه ڏٺو پر اقتدار تي قابض ٿيندي به ڏٺو. ان طالباني حڪومت جڏهن اساما بن لادن کي پنهنجي آغوش ۾ ورتو ۽ نائن اليون جو سانحو ٿيو، جنهن رڳو آمريڪا کي نه ڌوڏيو پر پوري دنيا کي ڌوڏيو هو ته پوءِ اهو آمريڪا، جيڪو وائيٽ هائوس ۾ جهادي گروهن کي ڳلي لڳائي رهيو هو، تنهن افغانستان تي بمباري شروع ڪئي. آمريڪا جي خوش قسمتي ۽ هن ملڪ جي بدقسمتي اها هئي، جو پهرين جنگ ۾ هن ملڪ تي قابض هڪ فوجي آمر هو ته ان ٻي جنگ ۾ به هن ملڪ جي مٿان قابض هڪ ٻيو فوجي جنرل آمريت سان مسلط هو، جنهن کي تاريخ جنرل مشرف جي نالي سان سڃاڻي ٿي ۽ پوءِ هڪ خوفناڪ گهرو ويڙهه جو آغاز ٿيو. افغانستان جي اندر ته طالبان جي صورت نظر آئي پر هن ملڪ ۾ ڪيتريون ئي صورتون نظر آيون ۽ ان ئي دور ۾ پاڪستاني طالبان ۽ پنجابي طالبان ٻڌڻ ۾ به آيا ته ڏسڻ ۾ به آيا. آمريڪا پنهنجي سامراجي چالن سان 20 سالا خانه جنگي کي مسلسل وڌائيندي افعانستان ۾ ڪو به استحڪام نه آندو ۽ نه ڪنهن سياسي ڌارا کي مضبوط ڪيو. افغاني عوام کان ڪٽيل سرداري ۽ جرڳائي حڪومتون مسلط ڪندي رهي ۽ انهن ڄاتو ٿي ته هڪڙي ڏينهن اسان کي افغانستان خالي ڪرڻو آهي، تنهن ڪري سرمائيدار اتحادي قوت آمريڪي سامراجيت اهائي پاليسي اختيار ڪئي هئي ته افغانستان جي اندر طالبان جي واپسي ئي آڻڻي آهي. ان ڪري نام نهاد دوحه معاهدو ڪيو ويو ۽ افغانستان جي مظلوم عوام جي مٿان طالباني تسلط واپس آڻندي پنهنجي فوجي واپسي اهڙي انداز ۾ ڪئي، جنهن سان اهو تاثر عام ٿيڻ لڳو ته آمريڪا شڪست کائي ڀڄي نڪتو آهي. درحقيقت پاڻ اهو ٺيڪ طرح سان سمجھون ٿا ته سامراجي جنگي چالن ۾ هڪ چال اها به هوندي آهي ته بظاهر شڪست کائيندي مفتوح رياست يعني انهيءَ عوام جي مٿان هڪ مستقل مصيبت قائم رکجي. هنن  کي اها خبر هئي ته هاڻي افغانستان مان دهشتگردي جو ڪو به واچوڙو نه آمريڪا تائين پهچي سگھي ٿو ۽ نه اها ڪوشش ٿيندي پر هن خطي جو جئيڻ جنجال ئي رهندو ۽ خاص ڪري انهيءَ جا اثرات هن رياست يعني پاڪستان جي مٿان پوندا رهندا. هاڻي اهو مسئلو پاڪستان جي رياست ۽ سياست جو آهي ته هو ان طالباني دهشتگردي جي بيماري کي ڪهڙي طريقي سان منهن ٿا ڏين ۽ انهن چئلينجن جو ڪيئن مقابلو ڪن ٿا؟ ظاهر آهي ته هن رياست کي ئي اهو مسئلو حل ڪرڻو آهي، ڇو ته پاڪستاني طالبان ان فڪري مغالطي ۽ جنونيت ۾ مبتلا آهن ته هو پاڪستان جي سياست ۽ رياست کي شڪست ڏئي حڪومت تي قابض ٿيندا، جيئن هنن آمريڪا کي شڪست ڏني هئي. ان مغالطي بيماريءَ ۾ مبتلا اها جنونيت جي جنگ ان وقت تائين ختم نٿي ٿي سگھي، جيستائين هن ملڪ جي رياست ۽ سياست کي هٿيارن جي ۽ فوجي طاقت جي بنيادن کان وڌي ڪري هڪ نظرياتي ۽ انٽليڪچوئل شعور جي جنگ به وڙهڻي پوندي.

هن ملڪ جون سياسي جماعتون ڪيتريون به دعوائون ڪن ته هو دهشتگردي جي خلاف هڪ پيج تي آهن پر اسان ڄاڻون ٿا ته هڪ پيج جي دعويٰ ڪندڙ الڳ الڳ ڌارائن ۾ وهندي ۽ رهندي پنهنجا الڳ مفاد رکن ٿيون. اسان چٽي ۽ صاف طريقي سان ڏسون ٿا ته انهن جماعتن ۾ خوف ڪيترو آهي ۽ مفاد ڪيترو پر رياست جي ادارن ۾ ڪيتري به ورڇ هجي، پر انهن جي اندر هڪ ڊسيپلين هجي ٿو. تنهن ڪري رياست جا ادارا خاص ڪري آرمي جيڪڏهن سمجھي ٿي ته دهشتگردي جي هن جنگ کي منطقي نتيجي تائين پهچائڻو آهي ته ان جي نظرياتي ۽ سياسي ڪمزورين کي يا لابنگ کي ذهن ۾ رکي ڪري حڪمت عملي ترتيب ڏي، تڏهن اهو ممڪن ٿي سگھي ٿو پر جي نه ته پوءِ اها دهشتگردي جي وهندڙ ندي اڃان ڪيتريون ئي زندگيون لوڙهيندي.