واڌو ڪڻڪ اسمگل اسڪينڊل: اڳوڻي وفاقي سيڪريٽري محمد آصف خلاف ڪارروائي جي منظوري

0
54

ملڪ ۾ واڌو ڪڻڪ اسمگل ڪرڻ واري اسڪينڊل جي مبينا ذميوارن جا نالا سامهون اچي ويا

 ذريعن موجب اسڪينڊل جي ذميوارن ۾ اڳوڻو وفاقي سيڪريٽري نيشنل فوڊ سيڪيورٽي محمد آصف، اڳوڻو ڊائريڪٽر جنرل پلانٽ پروٽيڪشن اي ڊي عابد، فوڊ سيڪيورٽي ڪمشنر ڊاڪٽر وسيم ۽ ڊائريڪٽر فوڊ سيڪيورٽي سهيل شامل آهن

 ذريعن موجب وزيراعظم شهباز شريف اڳوڻي وفاقي سيڪريٽري محمد آصف خلاف ڪارروائي جي منظوري ڏئي ڇڏي، ٻين ٽن عملدارن کي به معطل ڪرڻ جي منظوري ڏني وئي

 اسڪينڊل جي جاچ ڪندڙ انڪوائري ڪميٽي موجب ملڪ ۾ ڪڻڪ جا ذخيرا موجود هئڻ باوجود پرڏيهه مان واڌو ڪڻڪ گهرائي وئي

 واڌو ڪڻڪ امپورٽ ڪرڻ سبب ملڪ ۾ ڪڻڪ جي مارڪيٽ ڪريش ٿي وئي، مارڪيٽ ڪريش ٿيڻ سبب آبادگار سستي ڪڻڪ وڪرو ڪرڻ لاءِ مجبور ٿي ويا