واپڊا: هٺيلو هوڏ ڌڻي

0
40
واپڊا: هٺيلو هوڏ ڌڻي

 تازو واپڊا طرفان سنڌ مان چونڊيل قومي اسيمبلي جي ميمبرن سان “پاڻي جي موجودگي ۽ ڪئنال ڪمانڊ ايريا جي ترقي” جي متعلق هڪ تعارفي گڏجاڻي ٿي گذري. انهيءَ گڏجاڻي ۾ واپڊا طرفان 23 سيپٽمبر 2023ع تي حڪومت کي موڪليل هڪ يادداشت جي ذڪر سان گڏ، ان تي حڪومت سنڌ طرفان اٿاريل اعتراضن کان واقف ڪيو ويو.

                 23 سيپٽمبر واري يادداشت نامي ۾ واپڊا طرفان ستلج نديءَ جي ساڄي پاسي کان هندستان جي سرحد تائين چولستان رڻ جي سٺ لک ايڪڙ زمين کي آباد ڪرڻ جو منصوبو رٿيو ويو هو. انهيءَ تي منهنجو مضمون “پاڻيءَ تي نئين ڌاڙي جي تياري” روزاني “پنهنجي اخبار” ۾ 11 نومبر 2023ع تي ڇپيو هو. انهيءَ منصوبي ۾ هيٺيان ڪم شامل آهن:

* چناب درياهه تي قادر آباد بئراج کان هيٺ ٽي ڊيم ٺاهڻ، جنهن ۾ شاهه جيون ڊيم 1.3 ايم اي ايف، مدرانجها ڊيم 1.2 ايم اي ايف، ۽ ڇينوٽ ڊيم 1.0 ايم اي ايف شامل آهن.

* ستلج درياهه تي ٻه بئراج يعني بهاول نگر بئراج 0.38 ايم اي ايف ۽ حاصل پور بئراج 0.9 ايم اي ايف ٺاهڻ.

* چينوٽ حاصل پور لنڪ ڪئنال ٺاهڻ. اهو لنڪ ڪئنال 195 ڪلوميٽر ڊگهو هوندو ۽ ان جي پاڻي کڻڻ جي سگهه 5000 ڪيوسڪ هوندي.

* هڪ سئو ڏهه ڪلوميٽر ڊگهو فيڊر ڪئنال ۽ هڪ سئو ٽيهه ڪلوميٽر مکي واهه ٺاهڻ. انهن جي پاڻي کڻڻ جي سگهه 8500 ڪيوسڪ هوندي ۽ ان تي فورٽ عباس کان ياضمن منڊي تائين 21 لک، 32 هزار ايڪڙ زمين آباد ٿي سگھندي.

* ستر ڪلوميٽر فيڊر ڪئنال ۽ هڪ سئو ڪلوميٽر 5500 ڪيوسڪ جو مکي واهه، جنهن تي 13 لک، 33 هزار ايڪڙ زمين آباد ٿي سگهندي، ٺاهڻ شامل آهي.

انهيءَ منصوبي کان علاوه تازو پنجاب طرفان چولستان جي ڇهه لک ايڪڙ زمين آباد ڪرڻ جو منصوبو “ننڍو چولستان علائقو” پڻ پيش ڪيو آهي. انهيءَ منصوبي تحت ستلج درياهه تي سليمانڪي هيڊورڪس وٽان هڪ 4122 ڪيوسڪ جو فيڊر ڪئنال چئن نون واهن جو سسٽم هر هڪ فتح ڪئنال سسٽم، مراد ڪئنال سسٽم، هاڪڙا سسٽم ۽ هارن ڪئنال سسٽم ڪڍي، ان تي بهاولپور ۽ بهاولنگر جي 6 لک، 10 هزار، 237 ايڪڙ زمين آباد ڪئي ويندي. ان کان علاوه رسول- قادر لنڪ ڪئنال، قادر آباد – بلوڪي لنڪ ڪئنال ۽ بلوڪي – سليمانڪي لنڪ ڪئنال جي ٻيهر بحالي ۽ توسيع ڪئي ويندي، جيئن منصوبي لاءِ گهربل پاڻي سليمانڪي هيڊورڪس تي مهيا ٿي سگهي.

انهيءَ ننڍي چولستان منصوبي لاءِ پنجاب حڪومت ارسا کي پهرين جنوري 2024ع تي هڪ خط ذريعي، پاڻي موجودگي جو سرٽيفڪيٽ ڏيڻ لاءِ لکيو. ارسا طرفان 17 جنوري تي سنڌ جي مخالفت جي باوجود اهڙو سرٽيفڪيٽ 25 جنوري 2024 تي جاري ڪري ڇڏيو. ارسا طرفان اهو عمل ارسا ائڪٽ جي قانون جي باب 2، شق 8 (i) g تحت ڪيو.

اچو ته ڏسون ڇا،

(1) ارسا پاڻي لاءِ سرٽيفڪيٽ جاري ڪرڻ جي مجاز آهي؟

(2) سنڌ طاس ۾ انهيءَ منصوبي لاءِ واڌو پاڻي آهي؟

ارسا جو قيام، ارسا ائڪٽ xxii آف 1922 جي ذريعي آيو. انهيءَ ائڪٽ جي باب 2 جي شق 8 ۾ ارسا جي ذميداري ۽ اختيار جو تعين ٿيل آهي. اها شق وڌيڪ ٽن شقن ۾ ورهايل آهي ۽ ان جي پهرين شق جا 7 حصا آهن. اچو ته انهن مان واسطيدار شقن جو ذڪر ڪريون ته جيئن عام پڙهندڙ کي سمجهڻ ۾ سهولت ٿئي.

شق نمبر 8 (i) a

صوبن وچ ۾ پاڻي ٺاهه مطابق صوبن کي مليل پاڻي جي ورهاست ڪرڻ ۽ پاڻي ٺاهه ۾ ڄاڻايل پاليسي تي عمل ڪرائڻ لاءِ جوڳو بندوبست ڪرڻ.

شق 8 (i) g

قومي اقتصادي ڪائونسل جي ايگزيڪيوٽو ڪاميٽي جي رهنمائي واسطي پاڻي جي سمورين نئين رٿائن لاءِ پاڻي جي مڪمل طور جوڳن ذخيرن جي ٽن مھينن اندر صوبن جي مختص ڪيل حصن طور پاڻي مان موجودگي بابت غور ڪرڻ ۽ سفارشون پيش ڪرڻ.

شق نمبر 2

اٿارٽي پاران پاڻي ٺاهه تي عمل ڪرائڻ متعلق ڪو به مسئلو ميمبرن جي اڪثريت ووٽ جي بنياد تي حل ڪيو ويندو. ووٽ برابر ٿيڻ جي صورت ۾ چيئرمين جو ووٽ فيصلائتو هوندو.

ارسا ائڪٽ جي مٿي ڄاڻايل شقن مان اهو واضع نموني سان نظر اچي ٿو ته، ارسا صرف 1991 واري پاڻي ٺاهه ۾ صوبن لاءِ مقرر ٿيل حصي متعلق پاڻي ٺاهه ۽ پاليسي هيٺ فيصلو ڪري سگهي ٿي. جيستائين شق 8(i)g  ۾ صوبن لاءِ مقرر ڪيل پاڻي مان موجودگي جو سوال آھي ته صوبن کي پنھنجي مقرر حصي کان گھٽ پاڻي ملي رهيو آھي. اها ڳالھ هر سال جيان ھن سال ارسا طرفان آڳاٽي خريف لاءِ ٽيھ سيڪڙو کوٽ جو اعلان ڪيو ويو هو. ائڪٽ مطابق ارسا  پاڻي متعلق ڪو به نئون فيصلو نٿي ڪري سگهي. انهيءَ ڪري چولستان منصوبي لاءِ پاڻي جي اجازت نامو جاري ڪري ارسا پنهنجي اختيارين ۽ فرض (Duty) کان تجاوز ڪيو آهي. اهو سرٽيفڪيٽ ناجائز طريقي سان جاري ڪيو ويو آهي.

هاڻي اچون ٿا ٻي سوال طرف ته ڇا سسٽم ۾ واڌو پاڻي آهي، جو پنجاب نئون منصوبو شروع ڪري سگهي. انهيءَ سلسلي ۾ واپڊا طرفان اهو دليل ڏنو وڃي ٿو  ته چناب درياهه تي چينوٽ وٽ قادر آباد بئراج کان هيٺ 12 ملين ايڪڙ فوٽ پاڻي وڃي ٿو. انهيءَ مان چينوٽ تي ڊيم ٺاهي، 5 ملين ايڪڙ فوٽ پاڻي ستلج ندي ڏانهن موڙيو ويندو. ائين چولستان جي زمين آباد ڪئي ويندي.

جيئن ته 1991 واري صوبن وچ ۾ پاڻي ٺاهه هيٺ هر صوبي لاءِ ٺاهه جي شق نمبر 2 هيٺ پاڻي ورهايل آهي. انهيءَ تحت پنجاب لاءِ 55.94 ملين ايڪڙ فوٽ، سنڌ لاءِ 48.76 ملين ايڪڙ فوٽ، بلوچستان 3.87 ملين ايڪڙ فوٽ ۽ خيبر پختوانخوا لاءِ 5.78 ملين ايڪڙ فوٽ پاڻي ورهايل آهي. خيبر پختوانخوا جي سول ڪئنالز لاءِ وري 3.0 ملين ايڪڙ فوٽ پاڻي الڳ رکيل آهي. واڌو يا ٻوڏ وارو پاڻي وري شق نمبر 4 تحت ورهايل آهي، جنهن تحت پنجاب 37 سيڪڙو، سنڌ 37 سيڪڙو، خيبر پختوانخوا 14 سيڪڙو ۽ بلوچستان 12 سيڪڙو پاڻي مقرر ٿيل آهي. جيئن ته 1991 واري پاڻي ٺاهه ۾ سڀني دريائن جو پاڻي گڏيل طور ورهايل آھي، نه ڪي الڳ الڳ درياهه جو، انھيءَ ڪري گهٽ يا وڌ پاڻي جو فيصلو دريائن جي گڏيل وهڪرن جي بنياد تي ڪيو ويندو آهي. انھيءَ ڪري ڪنهن به هڪ درياهه تي واڌو پاڻي ڄاڻائڻ ٺاهه جي روح جي خلاف آهي.

واپڊا جي اها دعوى غلط آهي ته چينوٽ کان هيٺ 12.0 ملين ايڪڙ فوٽ پاڻي وڃي ٿو. سنڌ حڪومت طرفان واپڊا جي انگن اکرن مطابق سال 1998 کان 2017 تائين اهو ثابت ڪيو ويو آهي ته چناب درياهه تي چينوٽ بئراج کان هيٺ سراسري طرح 7.92 ملين ايڪڙ فوٽ پاڻي وڃي ٿو. جڏهن ته قادر آباد بئراج کان هيٺ پنجاب لاءِ مختص ڪيل پاڻي 12.89 ملين ايڪڙ فوٽ آھي. اها کوٽ پوري ڪرڻ لاءِ سنڌو درياهه تان چشما- جهلم لنڪ ڪئنال ۽ تونسا- پنجند لنڪ ڪئنال ذريعي سراسري طرح 6.6 ملين ايڪڙ فوٽ پاڻي جھلم ۽ چناب دريائن جي ايراضي ڏانهن موڙيو وڃي ٿو. ٻي طرف هي به سوال اهم آهي ته ڇا پنجاب ٺاهه ۾ کيس مليل 55.94 ملين ايڪڙ فوٽ پاڻي استعمال ڪري رهيو آهي يا نه. واپڊا جي انگن اکرن مطابق پنجاب هن وقت پنهنجي حصي کان وڌيڪ پاڻي استعمال ڪري رهيو آهي. ان جي باوجود پنجاب روز ڪو نه ڪو نئون منصوبو کڻي اچي ٿو. انهيءَ سلسلي ۾ جلال پور ڪئنال، گريٽر ٿل ڪئنال ۽ شوبارا ڪئنال جو مثال ڏئي سگهجي ٿو. جلال پور ڪئنال، جهلم ندي مان ايشين ڊيولپمينٽ بينڪ جي مدد سان ٺاهيو پيو وڃي ۽ گريٽر ٿل ڪئنال سنڌو درياھ تي ٺاھيو پيو وڃي. هڪ طرف پنجاب 1991 واري ٺاهه جي شق 2 تحت ورهاست پاڻي گهٽ هئڻ جو بهانو ڪري 1994 کان انڪاري آهي ته ٻي طرف وري واڌو پاڻي ڄاڻائي نوان نوان منصوبا شروع ڪري رهيو آهي. اها سڄي انگن اکرن جي جادوگري آهي. جيڪڏهن اسان ٿوري دير لاءِ واپڊا جي اها ڳالهه مڃي وٺون ته اهو 5 ملين ايڪڙ فوٽ واڌو پاڻي آهي ته اهو پاڻي شق نمبر 4 تحت ورهايو ويندو ۽ پنجاب جو حصو  1.85 ملين ايڪڙ فوٽ ٿئي ٿو. هو ٻين جو پاڻي ڪيئن ٿو استعمال ڪري سگهي؟

انهيءَ سڄي معاملي ۾ انڊس ڊيلٽا کي نظرانداز ڪيو ويو آهي. 1991 واري پاڻي ٺاهه ۾ اصولي طور انڊس ڊيلٽا ۾ پاڻي ڇڏڻ مڃيو ويو هو. صرف مقدار تي اختلاف هو، جيڪو پوءِ 2005ع ۾ غير ملڪي ماهرن طرفان ڪيل اڀياس ۾ 5000 ڪيوسڪ روزانو ۽ پنجويهه ملين ايڪڙ فوٽ هر پنجن سالن کانپوءِ ڇڏڻ جو چيو ويو آهي. جيڪڏهن اهي ٻئي اسم ملائجن ته اهو 8.6 ملين ايڪڙ فوٽ ٿئي ٿو. هن وقت صورتحال اها آهي جو ڪوٽڙِي کان هيٺ پاڻي آبڪلائي جي مند ۾ يا وڏين ٻوڏن ۾ وڃي ٿو، اهو به هڪ مخصوص عرصي لاءِ. انهيءَ کان علاوه سڄو سال درياهه ۾ واري اڏامندي نظر ايندي آهي. انھيءَ ڪري درياھ جي ايڪالاجي ۽ ماحوليات تي منفي اثر پيو آھي. 1991 کان 2022 تائين هر سال ڪوٽڙِي کان هيٺ ويل پاڻي تي ڪيل هڪ تحقيق مطابق انهيءَ عرصي ۾ هر سال ٻڙي وهڪري وارا ڏينهن يعني جڏهن  پاڻي سمنڊ ۾ نه ويو آھي، هن ريت آهن:

1991ع ۾ 56 ڏينهن

1992ع ۾ 64 ڏينهن

1993ع ۾ 50 ڏينهن

1994ع ۾ 45 ڏينهن

1995ع ۾ 109 ڏينهن

1996ع ۾ 70 ڏينهن

1997ع ۾ 182 ڏينهن

1998ع ۾ 85 ڏينهن

1999ع ۾ 180 ڏينهن

2000ع ۾ 339 ڏينهن

2001ع ۾ 305 ڏينهن

2002ع ۾ 315 ڏينهن

2003ع ۾ 264 ڏينهن

2004 ۾ 323 ڏينهن

2005 ۾ 193 ڏينهن

2006ع ۾ 230 ڏينهن

2007 ۾ 130 ڏينهن

2008ع ۾ 272 ڏينهن

2009ع ۾ 285 ڏينهن

2010 ۾ 176 ڏينهن

2011ع ۾ 169 ڏينهن

2012ع ۾ 245 ڏينهن

2013 ۾ 221 ڏينهن

2014ع ۾ 234 ڏينهن

2015 ۾ 188 ڏينهن

2016ع ۾ 180 ڏينهن

2017ع ۾ 264 ڏينهن

2018ع ۾ 300 ڏينهن

2019 ۾ 179 ڏينهن

2020ع ۾ 37 ڏينهن

2021ع ۾ 72 ڏينهن

2022ع ۾ 28 ڏينهن

2023ع ۾ 169 ڏينهن

انهن انگن اکرن مان اهو صاف نظر اچي ٿو گذريل 32 سالن ۾ ڪوٽڙي کان هيٺ سڄو سال پاڻي ڪڏهن به نه ويو آهي. جيڪڏهن اسان واپڊا طرفان 5 ملين ايڪڙ فوٽ واڌو پاڻي مان انڊس ڊيلٽا جو پاڻي گهٽايون ته پاڻي ڪاٽو 3.6 ملين ايڪڙ فوٽ ٿئي ٿو. اسان جيڪڏهن انهيءَ 5.0 ملين ايڪڙ فوٽ پاڻي کي ٺاهه جي شق نمبر 4 تحت ورهايون ته پوءِ پنجاب  پنهنجي حصي مان اهو منصوبو ڪيئن هلائيندو؟ ٻي طرف انڊس ڊيلٽا جو پاڻي کڻجي ته پوءِ پاڻي کوٽ ۾ اچي ٿو ۽ سسٽم مان وڌيڪ پاڻي ڪڍي انڊس ڊيلٽا جي پورائي ڪرڻي پوندي. بهرحال ٻنهي حالتن ۾ پنجاب جو اهو منصوبو ناقابل عمل آهي.

چولستان آباد ڪرڻ جو منصوبو، واپڊا ۽ پنجاب طرفان سنڌ سڪائڻ جي سازش آهي. سنڌ جي ساڃاهه وندن کي حڪومت سنڌ تي دٻاءُ وجهڻ کپي ته هو پنهنجو واضح موقف عوام آڏو رکي ۽ اهو منصوبو رد ڪرائي.