واهي پانڌي (ن پ ا) واهي پانڌي  ۾ ڳوٺ غلام محمد لاشاري جي رهواسين پوليس جي زيادتين خلاف واهي پانڌي – جوهي روڊ تي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو جنهن  ڪري ٽريفڪ معطل ٿي وئي، ان موقعي تي احتجاج ڪندي مستي لاشاري، امجد، ضمير لاشاري، پانڌي خان، اعجاز لاشاري ٻين چيو ته رات دير سان جوابدار مراد، پيرل، ممتاز گهرن تي ٻن ڪلاڪن تائين فائرنگ ڪئي، واهي پانڌي ٿاڻي جي ايس ايچ او جوابدار ڌر تي ڪيس داخل ڪرڻ کان جواب ڏئي ڇڏيو، ھنن ايس ايس پي دادو کان مطالبو ٿا ڪيو ته جوابدارن کي گرفتار ڪري ڪيس داخل ڪري انصاف ڪيو وڃي.