واهي پانڌي (ن پ ا) واهي پانڌي ڀرسان هيرو خان لڳ ڪاڇي جي ڳوٺ ٽوڙ شريف ۾ڳوٺاڻن جي 7 گهرن کي  اوچتو باھ وڪوڙي وئي، جنهن جي نتيجي ۾ حاجي الهڏتو سيال، جمن سيال، صدام لغاري سميت   ڳوٺاڻن جا 7 ڪکاوان گهر سڙي رک ٿي ويا، جڏهن ته گهرن ۾ پيل هنڌ بسترا اناج ۽ نياڻين جو ڏاج زيور روڪ رقم سميت سندس الهه تلهه سڙي رک ٿي ويو آهي ڳوٺاڻن پاران وس وارن کي واهر ڪرڻ جي اپيل ڪئي وئي آهي.