واهي پانڌي (رپورٽ: عابد لاشاري )واهي پانڌي شهر ۽ ڪاڇو ايڪتا جي رنگن سان رنگجي ويو، نيشنل پريس ڪلب جي  زيراهتمام ريلي ۾ سوين ماڻهو اجرڪ ٽوپيون پهري شرڪت ڪئي . مرڪزي ريلي عامر فاروق پمپ کان عابد لاشاري ،شاھ محمد رستماڻي ،محسن رستماڻي ڀائي خان لاشاري جي اڳواڻي ۾ نڪتي، عوامي تحريڪ، عوامي پورهيت تحريڪ، جسقم، شهيد ڀٽو جا قافلا به شريڪ ٿيا . نوجوانن جي وڏي انگ سنڌي ٽوپيون، اجرڪ، پٽڪا پهري شرڪت ڪئي. ان موقعي تي ايڪتا ريلي کي خطاب ڪندي وقار مستوئي، ميانداد برهماڻي، غلام رسول لغاري احمد سنڌي صدام لاشاري ۽ ٻين چيو ته ايڪتا ڏينهن سنڌي قوم لاء عيد کان به وڌيڪ آهي، ايڪتا ڏينهن تي ٽائيم نيوز پنهنجو پاڻ مڃايو آهي. ٽائيم نيوز جي سڏ تي سڄي سنڌ هڪ پليٽ فارم تي گڏ ٿي سنڌ سان محبت جو ثبوت ڏنو آهي، علي قاضي کي ايڪتا ڏينهن جي ڪاميابي جون مبارڪون ڏيون ٿا، ايڪتا ريلي دوران عاشق ميرالي، لهڻو ٻٻر پنهنجي ساٿين سميت فن جو مظاهرو ڪندي شريڪ ماڻهن کي جهومائي ڇڏيو،