ٽنڊوالهيار: نوجوان بابر خانزادي جو لاڪ اپ ۾ ٽنگيل لاش جو سنڌ اسمبلي جي ميمبر سيد ضياء عباس رضوي نوٽس وٺندي سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاھ کي واقعي بابت ڄاڻ ڏني، جنهن بعد ڊي آئي جي حيدرآباد مذڪوره واقعي جو سختي سان نوٽس وٺندي ايس ايس پي بدين۔ ايس ايس پي ٽنڊوالهيار ۽ اي ايس پي ڪنٽومينٽ حيدرآباد تي ھڪ ٽي رڪني جاچ ٽيم جوڙي آهي اها اها جاچ ٽيم سموري مامري جي شفاف جاچ ڪندي.