وارهه (ن پ ا) هفتو اڳ وارهه_ لاڙڪاڻو روڊ تان دڪاندار نادر ٻگهيو کان هٿياربندن پاران  2 لک رپيا ڦر ڪرڻ واري  واقعي جا جوابدار گرفتار نه ٿيڻ  خلاف متاثر ڌر جي سڏ تي شهرين  فاضل راهو چوڪ تي ڌرڻو هنيو، ان موقعي تي نادر ٻگهيو، قاري نديم ٻگهيو، تاجل حسيني  ۽ ٻين چيو ته شهر ۾ بدامني چوٽ چڙهيل آهي، پوليس ڪک ڀڃي ٻيڻو ناهي ڪيو، هنن مطالبو ڪيو ته ڦر جا جوابدار گرفتار ڪيا وڃن. ٻي طرف پوليس موجب ته جاچ ۾ فريادي ڌر رڪاوٽ بڻيل آھن.