وارهه/گاجي کهاوڙ (نمائندن وٽان) گاجي کهاوڙ ڀرسان سڱاوتي تڪرار تان ڀاءُ کي جيل ۾ ماني ڏئي موٽندڙ دڪاندار قتل، وارثن جو ٿاڻي آڏو ڌرڻو، ڪيس داخل. خبر موجب ڀاءُ کي ميهڙ سب جيل تي عيد ڏينهن ماني ڏئي موٽندڙ وارهه جي خان محمد ميرجت پاڙي واسي دڪاندار محرم علي ميرجت کي گاجي کهاوڙ ڀرسان هٿياربندن فائرنگ ڪري قتل ڪري ڇڏيو، واقعي خلاف ميرجت برادري جي سوين مردن ۽ عورتن پاڪ ڪتاب کڻي وارهه ٿاڻي آڏو ڌرڻو هنيو، جنهن سبب وارهه حمل روڊ بند ٿي ويو ۽ سوين گاڏيون بيهجي ويون. ان موقعي تي درياخان، وزير، نذير، حاضرخان ميرجت ۽ ٻين دانهيو ته محرم علي شريف دڪاندار هو، جنهن جو برادري جي ٻن ڌرين ۾ هلندڙ سڱاوتي تڪرار سان ڪو به واسطو نه هو، هنن چيو ته جوابدارن دڪاندار کي بيگناهه قتل ڪيو، ملوث ماڻهن کي گرفتار ڪري انصاف فراهم ڪيو وڃي. هوڏانهن مقتول جي ڀاءُ وزير ميرجت جي فرياد تي گاجي کهاوڙ ٿاڻي تي 5 ڄڻن جاويد چانڊيو، غلام حسين چانڊيو، جابر چانڊيو، عيد محمد ميرجت ۽ نياز ميرجت خلاف ڪيس داخل ڪيو ويو آھي.