وارھ (رپورٽ: اياز چانڊيو) عيد تي ناناڻي پنجاب جي علائقي ساهيوال ويل  وارھ جي ڳوٺ محمد رفيق آرائين جي رهواسي خاندان ايمبولينس جو ٽڪر لڳڻ سبب 40 ورهين جي صوفيا آرائين، نصرت بيگم آرائين سندس پٽ 11 ورهين جو  عنايت آرائين ٿڏي تي فوت ٿي ويا، جڏھن ته  15 ورهين جو رحمت آرائين سخت زخمي ٿي پيو، جنهن کي ڳڻتي جوڳي حالت ۾ مقامي اسپتال منتقل ڪيو ويو، اهڙي خبر وارثن کي ملڻ تي گهر ۾ڪهرام مچي ويو، ماءُ ۽ پٽ جا لاش وارهه آندا پيا وڃن، فوتين جي وارثن ٻڌايو ته عورت نصرت بيگم پنهنجي ٻارن سان گڏ عيد تي پيءُ ماءُ ڏانهن ساهيوال ويل هئي، جتي حادثو پيش آيو،  جنهن جي نتيجي ۾ نصرت بيگم سندس ڀيڻ ۽ هڪ پٽ فوت ٿي ويا ۽ هڪ نينگر زخمي ٿيو آھي، جن کي لاهور جي جنرل اسپتال منتقل ڪيو ويو.