وارث ڏنو ماڇي (ن پ ا) وارث ڏنو ماڇي ٿاڻي جي حد منگت چيڪ پوسٽ ڀرسان هٿياربندن نوجوان منظور پٽ ياسين مندراڻي کي گوليون هڻي بيدردي سان قتل ڪري ڇڏيو. پوليس لاش تعلقا اسپتال مان پوسٽ مارٽم ڪرائڻ بعد وارثن حوالي ڪيو.پوليس موجب ڪجهه سال اڳ زمين جي تڪرار تان ڪٽوهر _مندراڻي برادري ۾ جهيڙي دوران نوجوان صوبو ڪٽوهر قتل ٿي ويو هو، پلاند ۾ ڪٽوهر ڌر جي هٿياربندن حملو ڪري نوجوان کي قتل ڪيو آهي، وڌيڪ جاچ جاري آهي.هوڏانهن مقتول جي وارث ٺارو خان مندراڻي ٻڌايو ته ڪٽوهر ۽ مندراڻي برادري جو پاڻ ۾ پراڻو تڪرار هلندڙ آهي اسان جو جهيڙي واري ڌر سان ڪوئي تعلق ناهي، ڪٽوهر ڌر جي هٿياربندن ذات جي ڪري بيگناھ اسان جي نوجوان کي قتل ڪيو اسان کي انصاف فراهم ڪيو وڃي.