چلي (انٽرسٽنگ نيوز)فٽ بال دنيا ۾ سڀ کان وڌيڪ ڏٺي ۽ کيڏندي ويندڙ راند آهي، ان جا مداح دنيا جي هر ڪنڊ ۾ موجود آهن.فٽبال ميچن دوران مداحن جا دلچسپ واقعا سامهون ايندا رهندا آهن.هن ڀيري ڏکڻ آمريڪي ملڪ چلي ۾ فٽبال جي مداحن عارضي طور تي هڪ شخص جي آخري رسمن کي ميچ ڏسڻ لاءِ روڪي ڇڏيو.ميڊيا رپورٽن موجب فوتي جا وارث تابوت وٽ ويهي چلي ۽ پيرو وچ ۾ ٿيندڙ ميچ ڏسي رهيا هئا.پرڏيهي ميڊيا موجب گهرڀاتين تابوت کي گلن ۽ فٽبال جي جرسي سان به سجايو.ان سڄي واقعي جي وڊيو به سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي وئي آهي جتي صارفين طرفان دلچسپ تبصرا پڻ جاري آهن.