هڱورجا (ن پ ا )هڱورجا لڳ سمي شهر جي سيال پاڙي جي رهواسين اعجاز سيال ۽ خالد سيال ڪالهه هتي صحافين اڳيان دانهيندي ٻڌايو ته 2 ڏينهن اڳ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جا اهلڪار گھر تي چڙهائي ڪري ذوالفقار علي ۽ خالد سيال کي کنڀي کڻي ويا. بعد ۾ خالد حسين کي شهر ٻاهران ڦٽو  ڪري ذوالفقار کي پاڻ سان وٺي ويا آهن. ٻن ڏينهن تائين مختلف ٿاڻن تي پڇا ڳاڇا ڪرڻ باوجود نوجوان جو ڪو به ڏس پتو ملي ناهي سگھيو. هنن لاڳاپيل اختيارين کان مطالبو ڪيو ته کنڀي گم ڪيل نوجوان ذوالفقار سيال کي فوري طور آزاد ڪيو وڃي.