توھان اڪثر ٻڌو ھوندو ته کوڙ عاشق پنھنجي محبوب سان تارا لاھي اچڻ جا ڪوڙا ڊز ھڻندا آھن ۽ کوڙ عاشق ۽ شاعر پنھنجي محبوب کي چنڊ سان تشبيهه ڏيندا آھن، پر ڇا توھان کي خبر ته ھڪ اھڙي ڇوڪري به آھي جنھن جو نالو چنڊ تي لکيل آھي ؟ جي بلڪل ٽريسي نالي ڇوڪري جو نالو چنڊ تي لکيل آھي. 1972 ۾ چنڊ تي ويندڙ آخري مشين اپالو 17 جي ڪمانڊر يوجين سرنان پنھنجي ڌيءُ جو نالو چنڊ تي لکيو ھيو، يوجين سرنان جڏھن چنڊ تي وڃڻ وارو ھيو ته ھن سان ڌيءُ خواھش ڪئي ته سندس نالو چنڊ تي لکيو وڃي، واپس اچڻ کان اڳ يوجين سرنان جھڪيو پنھنجي ڌيءُ ٽريسي جو نالو چنڊ جي سطح تي لکيو، ياد رھي ته ھن پنھنجي ڌيءُ جو مڪمل نالو نه لکيو ھيو پر صرف TDC لکيو جيڪو ھن جي ڌيءُ جي دستخط يان سائن ھئي. ايڏي وڏي خوشي ھوندي ھن کي ھڪ ڏک به ٿيو، ڏک اھو ھيو جو ھن سندس ڌيءُ جي لکيل نالي جي تصوير نه ورتي، ڪئمرا به ھيا سڀ سيٽ اپ به ھيو پر افسوس جو ھو جلدبازيءَ ۾ پنھنجي ڌيءُ جي نالي جي تصوير نه ڪڍي سگھيو. کڻي جو ٽريسي جي نالي تصوير نه ڪڍي وئي پر اھو نالو لکين ڪروڙين سالن تائين چنڊ تي قائم دائم رھندو، ان ڪري جو چنڊ تي ڪا به ھوا ناھي جو ان کي ڊاھي سگھي اھو لکين، ڪروڙين سالن تائين به ائين ئي لکيل ھوندو جيئن 50 سال اڳ لکيل ھيو. يوجين سرنان چنڊ تي قدم رکندڙ آخري شخص ھيو سندس وفات 2017 ۾ ٿي …. (فيس بوڪ تان ورتل)