هڪ جماعت جي صوبي ۾ 15 سال حڪومت رهي، اسڪولن ۾ جانور ٻڌل آهن: مريم نواز

0
53

مريم نواز هڪ ٻيرو ٻيهر نالو کڻڻ کانسواءِ بلاول ڀٽو زرداري تي تنقيدي وار ڪيا آهن

ايبٽ آباد ۾ جلسي کي خطاب ڪندي مريم نواز چيو ته هڪ جماعت جي صوبي ۾ 15 سال حڪومت رهي، ان صوبي جي اسڪولن ۾ ٻارن بدران جانور ٻڌل نظر اچن ٿا

مري نواز چيو ته هنن جي منشور ۾ عوام جي لاءِ ڪجهه به نه آهي، منشور رڳو ڪاغذ جو ٽڪڙو نه هوندو آهي

مريم نواز چيو ته پنجاب فتح ڪرڻ جا خواب ڏسندڙ جڏهن جلسو ڪندا آهن ته چئني پاسن کان نواز شريف جا لڳايل منصوبا نظر ايندا آهن

مريم نواز وڌيڪ چيو ته نواز شريف جي خدمت جا ملڪ جي چپي چپي تي نشان موجود آهن