هڪڙو ٺهراءُ سنڌ جي امن امان لاءِ به …..

0
315
سنڌ خيرَ جي خبر لاءِ سِڪي وئي آهي!

سنڌ اسيمبلي تاريخي اسيمبلي آهي، جنهن جو ذڪر ڪرڻ کان سواءِ هن ملڪ جي قائم ٿيڻ جي تاريخ اڻپوري رهندي. هن ئي اسيمبليءَ مان قيامِ پاڪستان جي حق ۾ ٺهراءُ پاس ڪرايو ويو هو. جڏهن به هن ملڪ جي بانين ۽ خالقن جو ذڪر ٿيندو ته ان ۾ سنڌ اسيمبليءَ جو تذڪرو به شامل هوندو. وقت جي مورخ هن اسيمبليءَ کي تالا لڳندي به ڏٺا. هن اسيمبليءَ مان سنڌ جي معيشت ۽ ماحوليات لاءِ موت تصور ٿيندڙ ڪالاباغ ڊيم جي سنڌ دشمن رٿا خلاف ڪيترائي ڀيرا ٺهراءَ منظور ٿيا، پوءِ اها جدا ڳالهه آهي ته وقت جي حاڪمن ان کي بي ڌيانيءَ جي ڊسٽ بِن حوالي ڪري ڇڏيو. تازو ان ئي اسيمبليءَ مان سنڌ ۾ ترسيل افغانين کي واپس سندن ملڪ موڪلڻ ۽ سنڌ جي جعلي ڊوميسائيلن تي نوڪريون وٺندڙ ڌارين خلاف ڪارروائي جا مطالبا ڪيا ويا آهن. مطالبي ۾ اهو پڻ چيو ويو آهي ته نادرا پاران افغانين کي سڃاڻپ ڪارڊ ٺاهي ڏنا پيا وڃن، اهي افغاني سنڌ تي ٻوجهه آهن، سنڌ سندن بار برداشت نه ٿي ڪري سگهي، کين فوري طور سندن ڏيهه موڪليو وڃي. ڪراچي ۾ ڪچرو ميڙيندڙ افغانين جي ٻورن مان اغوا ڪيل ٻار به بازياب ٿيا آهن. افغانين واري معاملي تي سنڌ اسيمبليءَ جي اسپيڪر چيو ته اهو معاملو وفاقي حڪومت جو آهي، سنڌ حڪومت وفاقي حڪومت سان ڳالهائي.

ملڪ ۾ افغان پناهگيرن جو مدو هلندڙ سال 30 جون تي ختم ٿي چڪو آهي ۽ اهي هن ملڪ ۾ غير قانوني طور تي ترسيل آهن، وفاقي حڪومت وٽ ان مدي ۾ 6 مهينن تائين واڌ جي تجويز آئي هئي پر ملڪ مان ان معاملي تي آواز اٿارڻ ۽ عوامي دٻاءَ سبب وفاقي ڪابينا ان معاملي تي غور نه ڪيو. سنڌ اسيمبليءَ مان به توڙي جو ٺهراءُ ته منظور نه ڪيو ويو آهي پر صرف مطالبو ڪيو ويو آهي، جنهن تي اسپيڪر موصوف معاملو وفاقي حڪومت جو چئي ڳالهه ئي ڇڏائي ڇڏي آهي ۽ اهو پڻ چيو آهي ته سنڌ حڪومت وفاقي حڪومت سان ڳالهائي. مطلب ته اها حڪومت، جيڪا صرف ڪجهه هفتن جي مهمان آهي، ۽ الوداعي تقريبون پئي ڪري، اها وفاق سان ڳالهائي، جڏهن ته وفاق ۾ به ان ئي حڪمران جماعت جي وفاقي حڪومت ۾ ڀائيواري آهي. اهو ٿيو پنهنجي پاڻ سان ڳالهائڻ. افغانين جي ترسڻ وارو مدو ختم ٿئي به 19 ڏينهن ٿي چڪا آهن ۽ تڏهن مس مس اها يادگيري آئي آهي.

سنڌ جي چونڊيل ايوان مان ڪوڙن ڊوميسائلن تي نوڪريون وٺندڙ ڌارين خلاف ڪارروائي جو پڻ مطالبو ڪيو ويو آهي، جيڪو مطالبو بنهه جائز ۽ حقي واجبي آهي. سنڌ جا ڪوڙا ڊوميسائل ٺهرائي ڌرتي ڌڻين جي حق تلفي ڪئي وئي آهي. پر ڪيڏو نه بهتر ٿئي ها، جو ڪوڙا ڊوميسائل ٺاهيندڙن خلاف به ڪارروائي ڪرڻ جي گهر ڪئي وڃي ها. مجرم صرف ڪوڙن ڊوميسائلن تي نوڪريون ڪندڙ ئي نه پر ڪوڙا ڊوميسائل ٺاهيندڙ ڪامورا پڻ هڪ جيترا ڏوهاري آهن، جيڪي ڌارين سان گڏ ان ڌاڙي ۾ برابر جا شريڪ آهن ۽ ويندڙ سنڌ اسيمبلي اهو سڀ ڪجهه ٺهراءَ جي صورت ۾ آڻي ها ته ان جي ڪريڊٽ ۾ هڪ وڌيڪ چڱائيءَ جو اضافو ٿي وڃي ها…. ۽ هڪ ٺهراءُ سنڌ ۾ اغوا انڊسٽريءَ ۽ بدامنيءَ جي خلاف پڻ.

سنڌ جي چونڊيل ايوان ۾ افغانين ۽ ڪوڙن ڊوميسائلن تي نوڪريون وٺندڙن جي حوالي سان جيڪي مطالبا ڪيا ويا آهن، توڙي جو اهي ٺهراءَ جي صورت ۾ نه به سهي، پر ان مان جيڪا ڳالهه ليئا پائي ظاهر ٿئي ٿي، اها آهي سنڌ جي نمائندن جي ڳڻتي، جيڪا حقي واجبي آهي، جيڪا گهڻو اڳ ۾ اچڻ گهرجي ها. جيئن سنڌ جي چونڊيل ايوان جي اسپيڪر چيو آهي ته سنڌ حڪومت کي اهو معاملو وفاقي حڪومت سان اٿارڻ گهرجي. اسان ان راءِ جا آهيون ته ان معاملي ۽ گهر تي ضرور عمل ٿيڻ گهرجي. چند هفتن جي مهمان سنڌ حڪومت کي اهو معاملو ايتري ئي مدي لاءِ مهمان وفاقي حڪومت سان ڳالهائڻ گهرجي.