حيدرآباد (بيورو رپورٽ) هٽڙي ۽ حسين آباد پوليس منشيات فروشن خلاف ڪارروايون ڪري 10 ڄڻن کي گرفتار ڪرڻ جي دعويٰ ڪئي آهي. پوليس جو چوڻ آهي ته جوابدارن جي قبضي مان کين گٽڪي سان ڀريل 2 ٽرالر به هٿ آيا آهن. هٽڙي پوليس موجب ڳجهي اطلاع تي ناڪابندي ڪري قومي شاهراهه تان ٽرالر نمبر پي ايل ايف 367 کي روڪي تلاشي ورتي جنهن مان کين لکين رپين جي ماليت جو زيڊ 21 انڊين گٽڪو مليو. ٽرالر مان محمد عمران اعواڻ، محمد ذيشان ۽ طاهر کي گرفتار ڪيو. ٻي ڪارروائي ۾ ٽرالر نمبر ٽي ايل اين 467 کي روڪي تلاشي ورتي جيڪو زيڊ 21 انڊين گٽڪي سان ڀريل هو. ان ٽرالر مان به سعيد بشير، شفقت پٺاڻ ۽ ظهير بشير کي گرفتار ڪيو. پوليس موجب جوابدارن جو تعلق انڊين گٽڪو سپلائي ڪندڙ گروهه سان آهي جيڪي حيدرآباد سميت ٻين ضلعن ۾ گٽڪو سپلائي ڪندا هئا. حسين آباد پوليس گشت دوران نديم علي ماڇي، علي جان ڀٽي، سبحان ملاح ۽ جمعو خاصخيلي کي گرفتار ڪري سندن قبضي مان 660 گرام چرس هٿ ڪرڻ جي دعويٰ ڪئي.