جھنڊو مري(ن پ ا) جهنڊومري جي مشائخ هوٿي ٿاڻي جي حد ۾ چئن ٻارڙن جي ماءُ مسمات جندو مگسي پاران مبينا طور زهريلي دوا پي آپگهات ڪرڻ  واري واقعي جو ڊي آءِ جي حيدرآباد سيد پير محمد شاھ نوٽيس وٺندي ايس ايس پي ٽنڊوالهيار فاروق احمد بجاراڻي کي حڪم ڏنو ته معاملي جي سمورن طرفن کان جانچ ڪري جلد ئي رپورٽ پيش ڪئي وڃي، جنهن بعد ايس ايس پي ٽنڊوالهيار پاران جانچ ڪاميٽي جوڙي جانچ شروع ڪئي پئي وڃي ۽ پوسٽ مارٽم رپورٽ کان اڳ ئي ايس ايچ او مشائخ هوٿي کي سختي سان هدايت ڪئي ته معاملي جي چڱي ريت جانچ ڪئي وڃي ٻي پاسي شرعاتي جانچ ۾ پوليس پاران چيو ويو ته واقعو گهرو پريشاني جو آھي وڌيڪ جانچ ڪري ميڊيا آڏو حقيقتون رکيون وينديون ٻي پاسي آپگهات ڪندڙ چئن ٻارڙن جي ماءُ مسمات جندو زال معشوق مگسي جي وارثن جو چوڻ آھي واقعو گهرو پريشاني سبب پيش آيو پوليس سان هر ممڪن سهڪار لاءِ تيار آھيون.