ڪراچي (شوبز نيوز) نامياري پروڊيوسر همايون بابت انڪشاف ٿيو آهي ته اداڪار همايون سعيد کي هڪ بنگلي ۾ شوٽنگ دوران بنگلي جي مالڪياڻي سان پيار ٿي ويو. هن چيو ته جهڙو خوبصورت بنگلو هو، تهڙي ئي خوبصورت ان جي مالڪياڻي هئي ۽ پوءِ همايون سعيد کي مالڪياڻي سان پيار ٿي ويو. شوٽنگ دوران ٿيل پيار بعد همايون سعيد سانس شادي ڪري ڇڏي. همايون سعيد جي ان زال بابت ٻڌايو پيو وڃي ته ان عورت ثمينا کي همايون سعيد سان شادي کان اڳ هڪ ڌيءُ جو اولاد به هو. بعد ۾ هن همايون سعيد سان شادي ڪئي پر کيس ان مان ڪو به اولاد نه ٿيو. اهو بنگلو جتي همايون سعيد کي ان جي مالڪياڻيءَ سان پيار ٿيو، اهو ڪراچي جي علائقي طارق روڊ تي آهي.