هر بحران آئين تي عمل سان ئي ختم ٿي سگهي ٿو

0
154
سنڌ حادثاتي موتن جو ميدان

نيٺ ماڻهن ۽ ملڪ جي انهي آئيني بحران مان جان ڇٽي جيڪو نه رڳو ملڪ کي ٻين بحرانن ۾ ڌڪڻ لاءِ وڌي رهيو هو پر اهو به خطرو پيدا ڪري رهيو هو ته مورڳو نظام جو بسترو ئي گول نه ٿي وڃي. آخرڪار سپريم ڪورٽ جي سوئو موٽو نوٽيس تي آيل فيصلي جو دير سان ئي سهي پر ڀرم رکندي اسپيڪر قومي اسيمبلي ۾ پيش ڪيل بي اعتمادي جي رٿ تي ووٽنگ ڪرائڻ جو اعلان ڪيو پر پاڻ استعيفيٰ ڏئي اها ذميواري پوري ڪرڻ جو ڪردار پئنل آف چيئرمين جي حوالي ڪري ڇڏيو.جنهن بي اعتمادي جي رٿ تي ووٽنگ ڪرائي پي ٽي آءِ حڪومت جي اڪثريت ختم ٿيڻ جو اعلان ڪيو ۽ عمران خان وزيراعظم جي عهدي تي نه رهيو.انهي اعلان کانپوءِ به توڙي جو مسئلا اڃا ختم نه ٿيا آهن پر اهو ضرور ٿيو آهي ته ملڪ هڪ ڀيرو ٻيهر آئين جي رستي تي هلي پيو آهي جنهن ۾ هر بحران ۽ مسئلي جو حل ٻڌايل آهي اڳتي جيڪڏهن ڌريون انهي آئين کي ڏسي ۽ انهي مطابق فيصلا ڪندي اڳتي وڌيون ته اها اميد ڪري سگهجي ٿي ته ڪو ٻيو بحران پيدا نه ٿيندو مسئلا ڀلي دير ئي سهي پر حل ٿيندي نظر ايندا.

وزيراعظم کي بي اعتمادي جي رٿ ذريعي هٽائڻ کانپوءِ هاڻي اڳيون مرحلو نئين قائد ايوان جي چونڊ آهي جيڪا اڄ ٿيڻي آهي جنهن لاءِ ڌرين پنهنجي پنهنجي اميدوارن لاءِ نامزدگي جا ڪاغذ وٺي ڇڏيا آهن ۽ صاف نظر اچي رهيو آهي ته هاڻوڪي مخالف ڌر اڄ پنهنجو قائد ايوان چونڊرائي ويندي جڏهن ته هاڻوڪي حڪمران ڌر به انهي ۾ مقابلو ڪرڻ لاءِ تيار نظر اچي رهي آهي پر گڏوگڏ انهن اهو به فيصلو ڪيو آهي ته اهي متان استعيفيٰ ڏين،جڏهن ته اهي عوام آڏو پنهنجي حڪومت عالمي سازش تحت ختم ٿيڻ جو بيانيو به ٺاهي رهيا آهن جنهن سان وري ڪو ٻيو بحران پيدا ٿي سگهي ٿو. پر هڪ شيءَ بهتر ٿي آهي ته شيون آئين تحت اڳتي وڌي رهيون آهن ۽ انهي آئين ۾ هر بحران جو حل ڏنل آهي جيڪڏهن سياسي ڌريون آئين کي نظر ۾ رکي فيصلا ڪندي اڳتي وڌيون ته ٻيا مسئلا جلدي کڻي حل نه ٿين پر دير سوير انهن کي حل ڪرڻ جو واحد رستو اهو آئين ئي آهي.

اصل امتحان نئين ٺهندڙ حڪومت لاءِ آهي ڇاڪاڻ ته هڪ طرف لڳاتار سياسي بحران ۽ ڪجهه ڏينهن کان آئيني بحران سبب ملڪ جون معاشي حالتون اتي وڃي پهتيون آهن   جو ايندڙ حڪومت شايد  اچڻ سان عوام جي اميدن تي پورو نه لهي سگهي،مٿان وري ايڏي وڏي اپوزيشن جيڪا پنهنجي حڪومت ختم ٿيڻ کي عالمي سازش قرار ڏئي عوام کي رستن تي اچڻ جو سڏ ڏئي رهي آهي انهي کي به منهن ڏيڻو پوندو.هن وقت ته اپوزيشن عمران حڪومت جي خاتمي لاءِ هڪ نقاطي ايجنڊا تي متحد هئي پر اڳتي هلي گروهي ۽ تنظيمي مفاد انهن کي ڪيتري وقت تائين گڏ رکي سگهن ٿا اهو انهن جي مستقبل آڏو وڏو سوال آهي.انهي کان وڌيڪ جيڪي ملڪ جون معاشي حالتون آهن انهي ۾ هو عوام کي ڪيترو رليف ڏئي سگهن ٿا ؟ ڇاڪاڻ ته عمران حڪومت جي خاتمي لاءِ جيڪو مخالف ڌر وٽ سڀ کان وڏو دليل هو اهو اِهو ته ان ملڪ کي مهانگائي جي هڪڙي طوفان ۾ ڌڪي ڇڏيو آهي جتي عام ماڻهو نه ٻن ويلن جي ماني جو بندوبست ڪري ٿو سگهي نه ڪو خاندان بيمار فرد جي دوا جيتري سٽ سهي ٿو سگهي.

اسان سمجهون ٿا ته سياسي ڌرين کي انا ۽ هٺ ڌرمي مان نڪري پنهنجي خواهشن موجب فيصلا ڪرڻ بدران آئين کي آڏو رکي فيصلا ڪرڻا پوندا  ته  جيئن هي ملڪ سڌي واٽ تي هلي بحران مان به نڪري سگهي جنهن کانپوءِ عام ماڻهو کي مسئلن مان به نجات ڏياري سگهجي ٿي. ڇاڪاڻ ته آئين تي عمل ئي سڀني بحرانن کي حل ڪرڻ جو واحد رستو آهي ۽ اڄ جي ٺهندڙ حڪومت اهي شيون نظر ۾ رکي اڳتي وڌي ۽ مخالف ڌر آئيني حدن ۾ رهي پنهنجو ڪرادار ادا ڪيو ته ٻين بحرانن کان بچي سگهجي ٿو پيدا.