شادي لارج (ن پ ا ) هاڪڙي پراڻ ۾ٻڏي ويل نوجوان جي 24 ڪلاڪن بعد تدفين،  وارثن  احتجاج جاري رکڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو جڏهن ته  انتظاميا نوٽيس نه ورتو. شادي لارج ڀرسان هاڪڙو پراڻ جي ڪاٺين جي پل تان گذرندي ٻڏي فوت ٿيل شعيب لنڊ جو لاش 24 ڪلاڪ روڊ تي رکي ڌرڻو هڻڻ بعد دفنايو ويو جڏهن ته وارثن هاڪڙو پراڻ جي ٺيڪيدار ۽ ايس ڊي او کي واقعي جو ذميوار قرار ڏئي ڇڏيو آهي.  ڳوٺ ٻنهوار جي رھواسين شريف لنڊ، محمد لنڊ، غفار لنڊ ۽ ٻين چيو ته هاڪڙو پُراڻ جو زيرو پوائنٽ کان ڪاٺڙي تائين مرمتي ڪم ناقص آهي اندران مٽي ڪڍڻ بجاءِ اسان جون سروي زمينون تباھ ڪيو ويون آهن جڏهن ته زيرو پوائنٽ کان ڪاٺڙي تائين موريون نه هجڻ سبب حادثا معمول بڻيل آهن موريون نه هجڻ سبب اسين سوين ڳوٺاڻا اچ وڃ لاءِ پريشان بڻيل آهيون اسان پنهنجي مدد پاڻ تحت هڪ ڪاٺ جو پل ٺاهيو پر ان باوجود حادثا روز جو معمول بڻيل آهي هنن چيو ته 3 ڄڻا ڪجهه وقت اڳ فوت ٿي چڪا آهن جنهن ۾ مسمات مريم زال سوڍو لنڊ، علي احمد لنڊ ۽ هڪ معصوم ٻارڙو شامل آهن اسان ڳوٺاڻن نينگر شعيب لنڊ جو لاش رکي 24 ڪلاڪن تائين احتجاج ڪيو ۽ کوسڪي پوليس کي لاش پوسٽ مارٽم ڪرڻ لاءِ چيو پر کوسڪي پوليس لاش کي پوسٽ مارٽم ڪرڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو جنهن بعد اسان لاش رکي 24 ڪلاڪن تائين احتجاج ڪيو پر ڪنهن به نوٽيس نه ورتو جڏهن ته 24 ڪلاڪن کانپوءِ اسان لاش کي دفن ڪري ڇڏيو آهي اسان جي نينگر جو قاتل هاڪڙو پُراڻ جو ٺيڪيدار ۽ ايس ڊي او ناصر جٽ آهي جيستائين اسان سان انصاف نٿو ٿئي تيستائين اسان احتجاج ختم نه ڪنداسين ٻئي طرف کوسڪي پوليس جي ايس ايڇ او منظور نهڙيو چيو ته منهنجي حد ناهي پر اهو منهنجو موقف ناهي. هوڏانهن الزام هيٺ آيل ٺيڪيدار چيو ته موريون ٺاهڻ جو ڪم شروع ٿيڻ وارو هو پر ايل بي او ڊي سم نالي جي ٺيڪيدار هاڪڙو پُراڻ ۾ پاڻي وهايو جنهن سبب موريون نه ٺهي سگهيون آهن جڏهن ته ايس ڊي او ناصر جٽ چيو ته موريون ٺاهڻ اسان جو ڪم ناھي