هاڪڙي پراڻ تي پل نه ٺهي، ڪاٺين جي پل تان گذرندڙ نينگر ٻڏي فوت، لاش رکي ڌرڻو

0
16

نئون ڪووٽ / شادي لارج (رپورٽ : پيار علي نهڙيو + ن پ ا) شادي لارج ڀرسان هاڪڙي پراڻ تي زيرو پوائنٽ وٽ پل نه ٺهي، ڪاٺين جي ٺاهيل پل ٽٽي پئي، پل کي پار ڪندي نينگر  ٻڏي فوت ٿي ويو

وارثن جو لاش رکي ڌرڻو رپورٽ موجب شادي لارج هاڪڙي پراڻ جي وهڪري تي زيرو پوائنٽ کان کان ڪاٺڙي تائين ورلڊ بئنڪ جي لاڳت سان مرمتي ڪم ڪيو ويو پر زيرو پوائنٽ کان ڪاٺڙي تائين موريون نه هجڻ سبب حادثا معمول بڻيل آهن

ڳوٺ ٻنهوار جو رهواسي 15 سالن جو نينگر شعيب لنڊ هاڪڙو پُراڻ تي ڳوٺاڻن پاران ٺاهيل ڪاٺ جي پل کي ڪِراس ڪري رهيو هو ته  اها پل ٽٽي پئي ۽ نينگر شعيب ٻڏي ويو جنهن جو لاش وارثن ٽوٻن جي مدد سان هٿ ڪري ورتو

هنن لاش روڊ تي رکي ڌرڻو هنيو جنهن ڪري روڊ بند ٿي ويو. شعيب جي وارثن شريف لنڊ، محمد لنڊ، غفار لنڊ ۽ ٻين ٻڌايو ته نينگر ڪاٺين جي مزدوري خاطر ويل هو واپس ايندي موري نه هجڻ ڪري ڪاٺين جي ٺهيل هٿرادو موري تان هيٺ هاڪڙو پُراڻ جي پاڻي ۾ ٻڏي ويو هاڪڙو پُراڻ تي موريون نه هجڻ سبب حادثا معمول بڻجي چُڪا آهن ڳوٺاڻن چيو ته لاڳاپيل اختياريون مڪمل طور خاموش تماشائي بڻيل آهن نوٽيس وٺي انصاف ڪيو وڃي ٻي صورت ۾ لاش نه دفن ڪنداسين

زيرو پوائنٽ کان ڪاٺڙي تائين موريون نه هئڻ سبب حادثا معمول بڻيل

شادي لارج: ذريعن جو چوڻ آهي ته زيرو پوائنٽ کان ڪاٺڙي تائين ورلڊ بئنڪ جي تعاون سان هاڪڙو پُراڻ جي بندن جو مرمتي ڪم ٿيو آهي پر زيرو پوائنٽ کان ڪاٺڙي تائين موريون نه ٺاهيون ويون آهن  هجڻ سبب حادثا معمول بڻيل آهن

ذريعن موجب پراڻ جي ان مرمتي ڪم ۾ پلون ٺاهڻ به شامل آهن پر ٺيڪيدار اهي پلون نه ٺاهيون آهن. پلن بابت ٺيڪيدار سان رابطي جي ڪوشش ڪئي وئي پر هن جواب ڏيڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو

هاڪڙو پُراڻ تي پل نه ٺهڻ ڪري عورت سميت 4ڄڻا ٻُڏي فوت ٿي چڪا

شادي لارج: هاڪڙو پُراڻ تي پل نه ٺهڻ ڪري هيستائين عورت سميت 4 ڄڻا ٻُڏي فوت ٿي چُڪا آهن، فوتين ۾ مسمات مريم زال سوڍو لنڊ، علي احمد لنڊ ۽ هڪ معصوم ٻارڙو شامل آهي. جڏهن ته شعيب چوٿون ماڻهو آهي جيڪو حياتي وڃائي ويٺو