ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي ڪياماڙي ضلعي جي ماڙي پور ٽائون جي سامونڊي پٽي ھاڪس بي ۾ 6 هزار ايڪڙ زمين ڊفينس هائوسنگ اٿارٽي (ڊي ايڇ اي) کي امڪاني طور الاٽ ڪرڻ خلاف مقامي رھواسين سان گڏجي 10 جولاءِ کان تحريڪ هلائڻ جو اعلان ڪيو آھي ، ان ڏس ۾  ايس يو پي جي صدر سيد زين شاھ ڪالهه   هتي پريس ڪلب ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي  چيو ته  18 ڊسمبر 2023ع تي ڊفينس هائوسنگ اٿارٽي (ڊي ايڇ اي) جي ايڊمنسٽريٽر برگيڊيئر راڻا شهزاد شفيع سنڌ جي نگران وڏي وزير کي خط لکي چيو ته سندس اداري جو بنيادي ڪم شهيدن جي خاندانن کي رليف فراهم ڪرڻ آهي. ڊي ايڇ اي کي پنهنجي اسڪيم کي وڌائڻ لاءِ هاڪس بي ڀرسان 5000 کان 6000 ايڪڙ زمين الاٽ ڪئي وڃي، نگران حڪومت وري قانون جو قتل عام ڪندي انهي خط تي  ڪم شروع ڪيو، هن چيو ته ڊي ايچ اي پاران گهريل زمين ۾ ڪياماڙي ضلعي جي ديهه الله بانو، ديهه مينڌري ۽ديهه ڇتر  جا 45 ڳوٺ متاثر ٿيندا، قديم آبادين ڀنڊ، ڪلمتي، خاصخيلي، بروهي برادرين کي اباڻين زمينن تان بيدخل ڪيو ويندو، جن جو گذر سفر سمنڊ سان ڳنڍيل آهي.  ھن چيو ته شهيدن جي نالي تي غريب عوام کان زمينون کسي اميرن کي ڏنيون پيون وڃن، عوامي حڪومت سڏائيندڙ  سرڪار پاڻ به انهي عوام دشمن منصوبي ۾ ملوث آهي، هن چيو ته  اسان شهيدن جي خاندانن ۽ هٿياربند فوجن سان همدردي جو اظهار ڪريون ٿا،  شهيدن جي خاندان کي عزت ۽ وقار سان آباد ڪيو وڃي ۽ کين روڪ رقم پڻ ڏني وڃي. هن چيو ته ڊي ايڇ اي ڪراچي 1980ع ۾ صرف 76.2 ايڪڙ زمين تي شروع ٿي، جيڪا  وقت گذرڻ سان گڏ وڏي ۾ وڏي رهائشي ۽ ڪمرشل اسڪيم بڻجي وئي آهي، اٿارٽي جي ويب سائيٽ تي ڏنل ڄاڻ موجب ڊفينس آفيسر هائوسنگ اٿارٽي هن وقت 8 هزار 797 ايڪڙ ۽ ڊي ايڇ اي سٽي 11640 ايڪڙن تي مشتمل آهي، هن چيو ته اسان انهي مسئلي تي ميئر مرتضيٰ وهاب سان رابطو ڪرڻ جي به ڪوشش ڪئي، جڏهن ته سنڌ يونائيٽڊ لائرز فورم جي صدر عاقب راڄپر سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ درخواست داخل ڪرائي آهي. هن چيو ته اسان مقامي ماڻهن کي اڪيلو نه ڇڏينداسين، سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي اربع 10 جولاءِ  کان احتجاجي تحريڪ شروع ڪندي.