لاهور (شوبز نيوز) پاڪستاني اداڪارا هانيا عامر هڪ طرفي محبت تي پنهنجي خيالن جو اظهار ڪندي بيان جاري ڪيو. ڊرامي ”ميري همسفر“ ۾ بهترين ڪارڪردگي ڏيکاريندڙ اداڪارا هانيا عامر تازو ئي عمران اشرف جي شو ۾ مهمان جي حيثيت ۾ نظر آئي، جتي هن زندگيءَ جي مختلف فلسفن تي کُلي پنهنجي خيالن جو اظهار ڪيو. شو دوران هانيا عامر کان پڇيو ويو ته هڪ طرفي محبت جي باري ۾ توهان جو ڇا خيال آهي؟ ان تي هانيا عامر ڏاڍي جذباتي ٿي وئي ۽ چوڻ لڳي ته مونکي ته ڪڏهن هڪطرفو پيار ناهي ٿيو، جنهن تي هن کان پڇيو ويو، پر پوءِ به توهان ڇا سمجهو ٿا ته هڪ طرفي محبت هجڻ گهرجي يا نه؟ هانيا عامر جواب ڏنو ته نه هڪ طرفي محبت نه هجڻ گهرجي، جيڪڏهن اسان ڪنهن سان پيار ڪري رهيا آهيون ته موٽ ۾ اڳيون به اسان سان پيار ڪري، نه ته اسان پنهنجو وقت ڇو ضايع ڪيون؟ انڪري هڪ طرفي محبت انسان جي تذليل آهي.