براسيليا (انٽريسٽنگ نيوز) برازيل ۾ برگر ڪنگ هڪ برگر جي نقاب ڪشائي ڪئي آهي، جيڪو هالي ووڊ جي نئين فلم باربي کان متاثر آهي، ميڊيا رپورٽس موجب برگر ڪنگ پنهنجي برگر ۾ ڪباب ۽ مٿان گلابي ونيلا ملڪ شيڪ رکي هڪ برگر تيار ڪيو آهي، جيڪو گلابي فراسٽنگ مان بڻايل هڪ ڊونٽ ۽ ڪين فرائز سان گڏ پيش ڪيو ويندو آهي، ان عجيب ۽ غريب برگر کي فاسٽ فوڊ شوقينن طرفان مليل جليل ردعمل ملي رهيو آهي، سوشل ميڊيا تي ڪجهه ماڻهن برگر ۾ موجود گلابي رنگ جي شيڪ جي ڀيٽ چٻاڙيل چيونگم سان ڪئي آهي، واضح رهي ته باربي فلم کي هلندڙ هفتي جي آخر ۾ برطانيا مان رليز ڪيو ويندو، هدايتڪار گريٽا جرويگ جي فلم جي شوٽنگ لاءِ گلابي رنگ جو ايترو مقدار استعمال ڪيو ويو هيو، جو پوري ڪمپني جي عالمي سپلاءِ ختم ٿي وئي هئي.