هالا: مخدوم طالب المولا جي 25  هين ورسي اڄ ملهائي پئي وڃي

0
329
هالا: مخدوم طالب المولا جي 25 هين ورسي اڄ ملهائي پئي وڃي
هالا: مخدوم طالب المولا جي 25 هين ورسي اڄ ملهائي پئي وڃي

هالا (ن پ ا) سنڌ جي عظيم روحاني، سياسي شخصيت ۽ شاعر مخدوم محمد زمان طالب المولا جي 25  هين ورسي اڄ هالا ۾ ملهائي پئي وڃي

ورسي ۾ شرڪت لاءِ سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ رهندڙ سروري مريد هالا پهچي ويا آهن، ميونسپل انتظاميه پاران باب النوح کان درگاهه ۽ مخدوم هائوس جي رستن جي صفائي، پيئڻ جي پاڻي جا اسٽال لڳايا ويا

ايس ايس پي مٽياري محمد ڪليم ملڪ پاران درگاهه سميت اهم هنڌن تي پوليس جي وڏي نفري مقرر ڪري ڇڏي

مخدوم جميل الزمان ۽ مخدوم محبوب الزمان جي ملڪ کان ٻاهر هجڻ سبب سنڌ ادبي بورڊ جو چيئرمين مخدوم سعيد الزمان ۽ سندس فرزند مخدوم احمد الزمان مزارتي حاضري ڀري سروري مريدن کي زيارت ڪرائي دعا پڻ گهرندو