سکر: سنڌ هاءِ ڪورٽ بئنچ سکر جي حڪم تي ضلعي انتظاميا طرفان تازو ئي پوليس جي موجودگيءَ ۾ مشينريءَ جي مدد سان سکر ڪيٽل ڪالونيءَ مان وڏي انگ ۾ گهر ۽ دڪان غيرقانوني ڄاڻائي ڊاهي پٽ ڪيا آھن، ضلعي انتظاميا موجب ڪيٽل ڪالونيءَ واڙن جي لاءِ قائم ڪئي وئي هئي پر اُن جي ابتڙ اُتي غيرقانوني طور گهر ۽ دوڪانون تعمير ڪيون ويون هيون، جنهن تي عدالتي حڪم بعد اُتان گهر ۽ دوڪانون ختم ڪيون ويون آهن.