ن ليگ وٽ اليڪشن وڙهڻ لاءِ ماڻهو ئي ناهن: پرويز الاهي

0
121
ن ليگ وٽ اليڪشن وڙهڻ لاءِ ماڻهو ئي ناهن: پرويز الاهي
ن ليگ وٽ اليڪشن وڙهڻ لاءِ ماڻهو ئي ناهن: پرويز الاهي

پي ٽي آءِ جي صدر چوڌري پرويز الاهي چيو آهي ته مون کي اڄ تائين ڪنهن پريس ڪانفرنس ڪرڻ لاءِ نه چيو آهي، چيئرمين پي ٽي آءِ سان گڏ بيٺل آهيون ۽ گڏ بيٺل رهنداسين، مسلم ليگ نون وٽ لاهور سميت سڄي پاڪستان ۾ اليڪشن وڙهڻ لاءِ ماڻهو نه آهن، پي ٽي آءِ چيئرمين کي چونڊن ۾ ايڏا ووٽ ملندا جن جي ڪا حد نه هوندي

لاهور جي عدالت ۾ پيشي وقت ميڊيا سان ڳالهائيندي چوڌري پرويز الاهي چيو ته اسان جا اسٽيبلشمينٽ سان سدائين سٺا لاڳاپا رهيا آهن

هن چيو ته پي ٽي آءِ چيئرمين منهنجي پاسي واري سيل ۾ موجود آهي، پي ٽي آءِ چيئرمين سان آءِ ايم ايف ۽ يورپي يونين وارا ملڻ ايندا آهن

 عدالت ڀرتين واري ڪيس ۾ چوڌري پرويز الاهي جي جڊيشل رمانڊ ۾ 14 ڏينهن تائين واڌ ڪري ڇڏي

هن کي به پڙهندا

اسان جي پاليسي جاري رهي ها ته اڄ ڊالر 40 روپين جو هجي ها:نواز شريف

ڪنهن کي ٻيو يا چوٿون وزيراعظم بڻائڻ بدران ان کي وزيراعظم بڻايو جنهن کي موقعو نه مليو: بلاول